اسلام آباد (اين اين آءِ) نقيب الله قتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار 16 فيبروري تي جمعي تي طلب ڪري ورتو عدالتي حڪم مطابق جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جو برگيڊيئر ليول جو آفيسر شامل هوندو جڏهن ته هڪ قابل آفيسر جو تعين عدالت پاڻ ڪندي جي آءِ ٽي جي رپورٽ اچڻ تائين رائو انوار کي گرفتار نه ڪيو وڃي ۽ اسلام آباد پوليس رائو انوار کي سيڪيورٽي فراهم ڪري اڱاري تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ نقيب قتل جي پاڻمراد نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ اي ڊي خواجه ڊي جي فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي گهرو سيڪريٽري، چارئي صوبائي هوم سيڪريٽري، سيڪريٽري انفارميشن ۽ چئني صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي طلب ڪيو هو ٻئي پاسي ڊي جي آءِ ايس آءِ ڊي جي ايم آءِ ۽ ڊي جي آءِ بي کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو. ٻڌڻي جي شروعات ۾ آءِ جي الله ڏنو خواجه به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ رائو انوار جي گرفتاري جي حوالي سان هن پنهنجو تفصيلي جواب پڻ جمع ڪرايو جنهن تي سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس ۽ اسلام آباد پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته رائو انوار کي عدالت ۾ حاضري دوران گرفتار نه ڪيو وڃي رائو انوار پاران سپريم ڪورٽ جي انساني حقن واري سيل کي هڪ خط لکيو ويو هو جيڪو چيف جسٽس عدالت ۾ وڃي ٻڌايو ۽ پوليس آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان تي خط تي صحيح اڳوڻي ايس ايس پي ملير جي آهي اي ڊي خواجه سان موجود ٻين آفيسرن خط ڏسي عدالت کي ٻڌايو ته صهيح اڳوڻي ايس ايس پي ملير جي ئي لڳي رهي آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جهڙي طرح انصاف حاصل ڪرڻ مظلومن جو حق هوندو آهي اهڙِ طرح ظالم کي به اهو حق حاصل آهي رائو انوار پاران لکيل خط ۾ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ويئي ته هو بيگناهه آهي ۽ ان معاملي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي جيڪا سيڪيورٽي ايجنسين جي آفيسرن تي ٻڌل هجي ۽ ان ۾ سنڌ کان سواءِ ڪنهن ٻئي صوبي جا آفيسر به موجود هجن رائو انوار جي درخواست تي چيف جسٽس آف پاڪستان ان معاملي ۾ هڪ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي اڳوڻي ايس ايس پي ملير کي 16 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.