ڪراچي (م ڊ) آءِ جي سنڌ معطل ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ سمورن امڪاني قدمن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 13 جنوري تي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله جي عدالت کان مٿانهين قتل جي ايس آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ معطل ايس ايس پي رائو انوار ۽ مقابلو ڪندڙ پوليس پارٽي کي نامزد ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا رائو انوار جي گرفتاري لاءِ سمورن امڪاني قدمن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پوليس اختيارين موجب رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جي اجازت کانپوءِ رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پوليس جي ٽيم اسلام آباد به ويندي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته امڪاني طور رائو انوار اسلام آباد مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش کانپوءِ ڪراچي ناهي آيو، رائو انوار جي اسلام آباد ۾ لوڪيشن وٺي رهيا آهيون، گرفتاري لاءِ اسلام آباد پوليس جي مدد ورتي ويندي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به ڇاپا هنيا ويندا.