ڪراچي( م ڊ ) سنڌ پوليس ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل نقيب الله محسود قتل ڪيس جي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽم جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مقتول کي جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب جاچ ڪميٽي جي تفصيلي رپورٽ 15 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن سان دستاويز به ڳنڍيل آهن. رپورٽ موجب نقيب الله محسود کي 3 جنوري تي ٻين ٻن ماڻهن سان گڏ سهراب ڳوٺ مان کنڀيو ويو، رائو انوار جي ٽيم ٻن ڄڻن کي رشوت وٺي آزاد ڪيو جڏهن ته نقيب کي مقابلي ۾ ماريو ويو. ذريعن موجب آزاد ڪيل ٻنهي ماڻهن جي بيانن کي به رپورٽ جو حصو بڻايو ويو آهي. پوليس رپورٽ موجب جيل ۾ قيد قاري احسان رائو انوار احمد جي اهڙن الزامن جي ترديد ڪئي آهي ته مقتول قاري احسان جو ساٿ ۽ پوليس کي گهربل هو. قاري احسان پنهنجي بيان ۾ چيو ته قتل ڪيل نقيب محسود اهو ناهي جيڪو پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو. پوليس رپورٽ موجب پوليس حراست دوران جنهن خانگي قيد خاني ۾ نقيب محسود کي رکيو ويو اتي 47 ٻيا جوابدار به هئا. رپورٽ موجب اهڙي ڪمري مان پوليس چئن پنجن ماڻهن کي کڻي وڃي مقابلي ۾ مارجي ڇڏيندي هئي. ٻئي طرف رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پوليس مقابلي واري هنڌ مارجي ويل ماڻهن طرفان فائرنگ ڪرڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن چئني ماڻهن تي هڪ طرف کان پوليس طرفان فائرنگ ڪئي وئي جڏهن ته واقعي واري هنڌ پوليس جي سب مشين گن جا 26 خول مليا آهن. جاچ ڪميٽي جي رپورٽ موجب پوليس مقابلي جي سرڪاري ايف آءِ آر جي پهرين جاچ آفيسر ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا پر کيس ايس پي جاچ خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته جاچ ڪميٽي جي دوري بعد اڳوڻي جاچ آفيسر کي مقابلي ۾ مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي بيان لاءِ طلب ڪيو ويو پر هو پيش نه ٿيو جڏهن ته سندس گهر ٻاهران نوٽيس به لڳايو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس مقابلي ۾ ملوث ڪو به آفيسر بيان ڏيڻ نه آيو ۽ رائو انوار وانگر ٻيا پوليس اهلڪار به گم ٿي ويا آهن. جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته نقيب الله محسود قتل جي جاچ ڪنهن اڻ ڌري آفيسر حوالي ڪئي وڃي.