ڪراچي (م ڊ) ڪراچيءَ جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ جوابدار کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پنج جولاءِ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ جوابدار کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن رائو انوار ڪنهن ڪيس ۾ گهربل ناهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.