ڪراچي (م ڊ) نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي رائو انوار کي نقيب الله جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ جو ذميوار ڄاڻائيندي ان عمل کي دهشتگري قرار ڏنو آهي. سنڌ پوليس جي ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ جي سربراهي ۾ قائم جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ ڊي پي او بهاولپور جي رپورٽ جو به ذڪر آهي ۽ ڊي پي او بهاولپور موجب محمد صابر ۽ محمد اسحاق جو ڪو ڪرمنل رڪارڊ ناهي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رائو انوار نقيب الله ۽ ٻين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو، رائو انور ۽ ٻين پوليس آفيسرن جو اهو عمل دهشتگردي آهي. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نقيب الله ۽ ٻين جو ڏوهن جي حوالي سان ڪو رڪارڊ نه مليو، عدالت کان مٿانهين قتل کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ميڊيا ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو، واقعي کانپوءِ رائو انور ۽ ٻين پوليس آفيسرن توڙي اهلڪارن جا شاهد ضايع ڪيا ويا. رپورٽ موجب رائو انوار ۽ ٻين پنهنجي اختيارن جو به ناجائز استعمال ڪيو، انهن جو مقصد ٻين غير قانوني قدمن کي هٿي ڏيڻ هو. جي آءِ ٽي رپورٽ جي تياري ۾ جيو فيسنگ ۽ فارنزڪ رپورٽ جو سهارو ورتو ويو آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڊي اين اي رپورٽ سان چئني ماڻهن جو الڳ الڳ قتل ثابت ٿيو آهي، چئني ڄڻن کي ٻن الڳ الڳ ڪمرن ۾ قتل ڪيو ويو، هڪ ڪمري جي قالين تي ٻن ماڻهن جي رت جون شاهديون مليون، جڏهن ته ٻئي ڪمري جي قالين تي چئني جي رت جون شاهديون مليون، ثابت ٿئي ٿو ته چئني ماڻهن کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مڙهه ٻن مختلف ڪمرن ۾ رکيا ويا. مقتول نظر جان جي ڪپڙن تي موجود گولين جي سوراخ جي فارنزڪ رپورٽ به حصو آهي، نظر جان تي هڪ کان 5 فوٽ فاصلي تان فائرنگ ڪئي وئي. رپورٽ موجب جي آءِ ٽي رائو انوار جي گرفتاري کانپوءِ ان سان گڏ به واردات واري هنڌ جو دورو ڪيو، جوابدار ڪيس ۾ ملوث نه هجڻ جي ڪا شاهدي پيش نه ڪري سگهيو، جڏهن ته پڇا ڳاڇا دوران رائو انوار ٽال مٽول کان ڪم ورتو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيو فينسنگ ۽ ٻين شاهدين سان رائو انوار جي موقعي تي موجودگي ثابت آهي، مقتولن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي ثابتي آهي. رپورٽ موجب جي آءِ ٽي جاچ آفيسر ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، جڏهن ته جي آءِ ٽي جي روشني ۾ ضمني چالان پيش ڪرڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي.27