نيوزيلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن چيو آهي ته تشدد، نفرت ۽ نسل پرستي لاءِ نيوزيلينڊ ۾ ڪابه گنجائش ناهي. نيوزيلينڊ ۾ ڪرائسٽ چرچ سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. متاثرن سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جڏهن ته متاثرن سان ٻڌيءَ جي اظهار طور مختلف مذهبن جي ماڻهن به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪرائسٽ چرچ سانحي ۾ شهيد ٿيل 50 ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شهيدن جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن چيو ته ڪرائسٽ چرچ سانحي اسان کي عاجز بڻائي ۽ متحد ڪري ڇڏيو آهي، 15 مارچ جو واقعو اسان جي لفظن، اعمالن، رحمدلي کي طاقت بخشڻ جو پيغام آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ڪاري ترين وقت جي 14 ڏينهن بعد وري گڏ ٿيا آهيون. سندس چوڻ هو ته انهن 50 ماڻهن جي موت جو دک لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، مسلم ڪميونٽي جو ڏک ختم ڪرڻ لاءِ لفظ به ٿي سگهن ٿا. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي قوم جا ڳوڙها به ياد رکنداسين. هن چيو ته دهشتگرديءَ جو جواب اسان جي انسانيت ۾ آهي، تنهن ڪري تشدد ۽ نفرت لاءِ نيوزيلينڊ ۾ ڪابه گنجائش ناهي ۽ نه وري نسل پرستي لاءِ ڪا گنجائش آهي، اسان کي گڏجي تشدد ۽ نفرت انگيزي کي شڪست ڏيڻي پوندي. هن چيو ته دنيا انتها پسندي سبب متاثر آهي، جنهن کي گڏجي ختم ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ اسان کي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي پوندي. وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن کي تقرير جي پڄاڻي تي اسلام عليڪم جا لفظ چوڻ ته تقريب ۾ شريڪ ماڻهن اٿي بيهي ڀيٽا پيش ڪئي.