نفرتن ۾ آخر رکيو ڇا آهي؟
February 14, 2017 at 10:06 pmشوڪت لوهار
هاڻي توهان پاڻ ئي سوچي وٺو ته رڳو اسان جي مٿان ذميواري ٿوري آهي، اسان جيڪي اُٺ ڪتابن جا پڙهيا آهن ۽ سڄي دنيا گهمي آهي، پوري عالم جي علم کي پنهنجي ذهن جي ڇاڻي ۾ ڇاڻيو آهي، تڏهن وڃي انهي نتيجي تي رسيا آهيون، رسيا معنيٰ پهتا، متا رسيا معنيٰ پڪا ٿيا آهيون وٺو. اوهان کي سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پيا آهيون، اوهان کي ڪئين مثال ڏنا آهن، ڪئين ڪتابن جا حوالا پيش ڪيا آهن، هزارين لائبريرين جو رڻ جاڳيو آهي، سڄي سڄي رات مون پاڻ جهڙن عالمن سان گفتگو ڪئي ۽ ان مان اِهو ئي نتيجو ڪڍيو ته بابا هي جيڪو ويلنٽائن ڏهاڙو پيو ملهائجي، اِهو ملهائڻ بلڪل حرام آهي، اصل نسورو حرام آهي، صفا حرام آهي، اِهو حرام خورن جو ڏهاڙو آهي، حرام خور ئي اِهو ڏهاڙو ملهائيندا آهن، اسان جهڙا عظيم ۽ شاندار ماڻهو اهڙين ڪڌين رسمن جي ويجهو به ڪين ويندا آهن. ويلنٽائن ڏهاڙو ملهائڻ نه صرف حرام آهي پر هِڪ غير اخلاقي ۽ غير مذهبي قدم آهي. مان جيڪو هيڏو وڏو عالم آهيان ڀلا ڪوڙ ٿورو ئي ٿو ڳالهايان، بهتان ٿورو ئي ٿو هڻان، اسان ڀلا اڇو مٿو اُس ۾ ته ڪو نه ڪيو آهي، اسين عقل جا اڪابر جيڪي زمانن ۾ ٿيندڙ تبديلين تي نظر رکندا آهيون، اِهي ڀلا نوجوانن وات ڳاڙهن ۽ وات ڳاڙهين جي ڪمن ڪارين کان ڀلا ڪيئن اڻ واقف ٿي سگهون ٿا. اسان جو تجربو آهي، اسان جي ساک آهي، اسان کي چار ماڻهو سڃاڻن ٿا، چار ماڻهو چانهه پيارين ٿا، عزت ڪن ٿا، ڳالهه ٻڌن ٿا، غور ڪن ٿا. اسان جي ڳالهه حرف آخر آهي، پٿر تي ليڪو آهي، اصل صفا سنگ مرمر تي ليڪو آهي.
اوهان منهنجي ڳالهه هنئين سان هنڊايو ۽ هِن مُئي ويلنٽائن ڊي جي چڪرن ۾ به اچو اهي سڀ ڪوڙا آهن، اسين سڀ سچا آهيون، اسين هميشه کان سچار رهيا آهيون، اسان ڪڏهن ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي، اسان ڪڏهن ڪنهن جي ٽيڊي پائي به ڪونه کاڌي آهي، پوءِ اسان ڪيئن ٿا غلط بياني ڪري سگهون. سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، سياڻا ٿيو، عقل سکو، جي نٿا سکو ته عقل سکڻ جو ڪو شارٽ ڪورس ڪريو. هي سڀ فرنگين، يهودين ۽ عالمي سازشي ٽولي جون وڏيون وڏيون ڪوڙڪيون آهن، هو اسان جي ذهنن سان کيڏڻ چاهين ٿا، حالانڪه هو اسان جي پاڪ سرزمين تي اچي اسان سان ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ قطعي تيار ڪو نه آهن، ڇاڪاڻ ته هو اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم کان ڊڄن ٿا. اسان جا عظيم ڪرڪيٽر توڙي جو سنڌ جي ويجهڙائي ۾ وصال ڪري ويل گونور جي عمر جا ٿي ويا آهن، تڏهن به انهن جي طاقتن ۽ توانائي ۾ ذري جي ڪمي ڪو نه آئي آهي، اهي پش اپ هڻي سگهن ٿا، اڃا سؤ سالن تائين ڪرڪيٽ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري سگهن ٿا، توڙي جو انهن ڪو به جوهر جوشندا استعمال ڪو نه ڪيو آهي. ها البته صلاحيت ۽ ٻيون حربل دوائون جام استعمال ڪن ٿا، جو اسان وٽ هر شيءِ جو ديسي ۽ دلپسند علاج موجود آهي. ڇاڪاڻ ته اسين ڄاڻو ماڻهو آهيون ۽ اسان وٽ ڄاڻ جا وڏا وڏا خزانا آهن، اسان زماني کي هلڻ سيکاريو. آمريڪا ته ڪالهه لڌو آهي. ڪرشٽو فروري ڪهڙو مڙس ماڻهو هو، چور چور جو پٽ هو، سڄو ڏينهن هتي آسان واري بنگلي تي بورچي رکيل هو، الائي ڪيئن سازش ڪري وٺي ڀڳو هُو. منهنجي سوني راڊو واچ به کڻي ويو، جيڪا اڃا تائين لنڊن جي مادام شائو ميوزيم ۾ پئي آهي. تاريخ جا اڏيندڙ اسين آهيون، موهن جو دڙو اسان وٽ آهي، ڇا ٿي پيو جو ان مان ڪجهه نوادرات چوري ٿي ويا، هونئن به پراڻين شين کي ڪير ٿو پڇي، ڀلي وڃي انگريز ان مٿان تحقيقون ڪن. اِهو به اسان جي شان ۾ اضافو آهي، ان سان اسان جو مقام اعليٰ ۽ شاندار ٿيندو، اسان مڪلي ۽ ڪارونجهر جا وارث آهيون، ڪهڙو مسئلو آهي جو مڪلي جي ڪتبن کي ماڻهو ڪڍي ويا آهن، ڀلا پنهنجا اجها ئي ته ٺاهيا اٿن، ڇا ٿي پيو جو مڪلي جي ڪجهه قبرن مٿان اسان جي جوڌن نعرا لِکيا آهن. ڀلا هَر ڪنهن جي مرضي آهي، اسان وڏي مهذب قوم آهيون. هِي چند فرنگي اسان جي ذهنن کي تبديل ڪري ڪو نه سگهندا، هي انهن جي سازش آهي، سال جي ئي سؤ ٽيهٽ ڏينهن مان هر هڪ تي ڪو نه ڪو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ڇو ملهايو ويندو. مون کي خبر آهي جيئن ماڻهو ٻيو ڪو ڪم ڪار نه ڪن، جيئن رڌل هجن، ڪڏهن عورتن جو ڏينهن، ڪڏهن ٻارڙن جو ڏينهن، ڪڏهن ايڊز جو ڏينهن، ڪڏهن ٽي بي جو ڏينهن هي ڇا آهي؟ هي سازش آهي. هَلو ٻيا ڏينهن ته مشڪل سان هضم ڪياسين، وري سائين ويلنٽائن ڏينهن، محبوبن، پريمين جو عالمي ڏينهن، هي ڪهڙي چالاڪي آهي، هِي ڪهڙي سازش آهي؟ اسان غيرت جا مهندار آهيون، اسين ڪڏهن نه چاهينداسين ته هِي ڏينهن ملهايو وڃي. وقت جي حڪومت مون سان گڏ آهي، مون وقت جي حڪمرانن سان ڳالهائي ڇڏيو آهي ته برائي مهرباني چاڪليٽن ۽ رنگ برنگي ڦوڪلن تي پابندي وجهو، جيئن اوهان پهرين يوٽيوب تي پابندي وڌي هئي، جيئن اوهان قوم جي مفاد ۾ کوڙ اهڙين برائين کي ٻنجو ڏنو آهي، جنهن کي اڳ ۾ ٻنجو ڏنل ڪونه هو. اوهان جي تعاون سان ماڻهو سک جو ساهه کڻي رهيا آهن، کلي رهيا آهن، اوهان کي دعائون ڪري رهيا آهن. وطن عزيز توڙي سنڌ تي خاص مهرباني آهي، اوهان جي اوهان جي هوندي ڀلا ڪير اسان ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندو. اوهان انهن جون اکيون ڪڍي به ڇڏيندا، اوهان عظيم آهيو، اوهان قبلا آهيو، اوهان سڀ ڪجهه آهيو وارو ڪيو، بس هِن ڏهاڙي تي به ائين ئي موبائل سروس معطل ڪري ڇڏيو، جيئن اوهان عاشورن تي ڪندا آهيو، نه هوندي موبائل نه ئي پريمي مِلي سگهندا.
پريمي ملڻ سان وڏو گند ٿيندو آهي، اسان گند ٿيڻ اصل نه ڏينداسين، اسان جو شهر اسان جا ڳوٺ سڀ صاف سٿرا آهن ته پوءِ اسان جي ذهنن ۾ گند ڇو هجڻ گهرجي. هي عالمي طور تي ويلنٽائن جا گلابي ڪارڊس ۽ گلدستا وڪڻڻ جي سازش آهي. يهودي نٿا چاهين ته اسان ترقي ڪريون، اسان اڳتي وڌون، حالانڪه اسان جو نصاب، اسان جا اسڪول، ڪاليج يونيورسٽيون سڀ عاليشان آهن ۽ سُٺي سيمينٽ ۽ بجري سان ٺهيل آهن، انهن کي ڪو به واءُ مينهن نه ٿو ماري سگهي، اِهي پڪا آهن، هر آفت کان اوهان ڀلي آزمائي ڏسو. اهڙين شاندار عمارتن ۽ بنيادي ڍانچي جي هوندي ڪير اسان کي مٽائي نه ٿو سگهي. اسين اتهاس جا اڻ مٽ ڪردار آهيون، بلڪه اسين خود جيئري جاڳندي تاريخ آهيون، اسان مور ماڻهو آهيون، اسين چاندي آهيون، اسان هيرا آهيون ۽ موتي لعل آهيون، اسان کي ڪنهن جي پرواهه ڪو نه آهي، ڪنهن جي اڳيان ڪشتو جهلڻ جي ضرورت ڪو نه آهي، اسان وٽ سمنڊ پهاڙو، زمينون، کيت کليان ۽ اِهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو هِڪ قوم کي عظيم بنائڻ ۾ ضروري هوندو آهي، تنهن ڪري اسان کي سوچڻ گهرجي ته هِي جيڪو ويلنٽائن ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. اسان ان جي سِري سان مخالفت ڪريون ٿا. اسان چاڪليٽن ۽ ٽوفين جو بائيڪاٽ ڪريون ٿا. اسان پنهنجون لوڪل ٽافيون، چپس ۽ لوڪل چاڪليٽ تيار ڪنداسين، هونئن به ڪڪڙن جي ٽنگن مان تمام جهجهو تيل نڪري ٿو، جيڪو توانائي ۽ طاقت سان ڀرپور آهي. اسان سان جيڪا چپس ۽ ٻيون شيون ٺهن ٿيون، اِهي سو فيصد صحت بخش آهن، اوهان پنهنجن ٻارن کي اِهي لوڪل شيون وٺي ڏيو، پنهنجو وطن آهي اُتي پنهنجون شيون استعمال ڪريو.
اسين تمام گهڻا غيرتي ماڻهو آهيون، اسان قبيلائي جهيڙن ۾ پنهنجون نياڻيون سڱ چٽي ڏئي ڇڏيندا آهيون، پر مردن مٿان ڪو ڪارنهن جو الزام لڳڻ نه ڏيندا آهيون، اسان جي غيرت جا پڙاڏا ۽ اسان جي قبيلائي ڀوتارن جي عقل ۽ فهم جا پڙاڏا ته وڃي پارليامينٽ تائين پهتا آهن ۽ اتان هاڻ بل به پاس ٿيو آهي ته ڀلي عورتن، مردن جي جهيڙن ۽ ٻيا جيڪي وڻين فيصلا پنهنجي تر جا سردار ڀوتار ڀل ڪري سگهن ٿا. اِهو ڀوتارن جي فهم لاءِ هِڪ وڏو سرٽيفڪيٽ آهي جو جنهن اسيمبلي ۾ آمريڪا ۽ يورپ جا پڙهيل لکيل ماڻهو موجود هجن ته اِهي به انصاف لاءِ اسان جي عظيم وڏيرن ۽ ڀوتارن ڏانهن واجهائي رهيا هجن ته باقي اڃا اسان جي علمي اوج جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ڏجي. آهي به ائين اسان جي مئٽرڪ ۽ فائنل پاس ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ٿوري آهي، انهي کان علاوه جنهن وقت اسان جا ڀوتار سردار نامدار فتويٰ لکندا آهن ته وڏا وڏا جرح وڪيل به حيران ٿي ويندا آهن. سو سؤ خونن جا فيصلا ڪرڻ ڪو سولو ڪم آهي ڇا؟ اسان جي ڪاميابين جي گونج ۽ گجگوڙ زمانن تائين آهي، ايستائين جو هاڻ ته عالمي فيصلا به اسان جي جرڳائي ڀوتارن کي ملڻ جون خبرون آهن.
ويلنٽائن ڊي بلڪل به ملهائڻ نه گهرجي، ملهائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، ان متعلق سوچڻ به گناهه آهي، جرم آهي، ڏسو نه انگريز يهودي پنهنجي ڪتي کي ته گڏ سمهاريندا آهن، پر پنهنجي پوڙهي والد ۽ والدين کي اولڊ هائوسن ۾ ڇڏي ايندا آهن، ٿوري ٿوري ڳالهه تي طلاق ڏئي ڇڏيندا آهن، اسان ڪڏهن ائين ڪيو آهي؟ بلڪل نه جيڪڏهن ڪا اڻ بڻت ٿيندي به آهي ته اسين سِڌو ڪهاڙي ۾ هٿ وجهندا آهيون، ڀلا عورت ذات کي ڪهڙي طاقت آهي، هو آهي به پيرن هيٺان! اسان پنهنجي ڪم ڪار ۽ واپار ۾ وڏا ايماندار آهيون ۽ ڪڏهن بي ايماني ڪئي به ڪو نه آهي. ڪريش اسان جي ويجهو به ڪو نه گذري آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي نذرانا جيڪڏهن خوشي سان ملي ويندا آهن ته انهن جي ڏي وٺ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ هر نوڪري ميرٽ تي ملندي آهي. ڀلا جيڪڏهن ڪنهن وچئين ماڻهو کي چند ڏوڪڙ ڏنا به سين ته ڇا ٿي پيو، ڀلا ان جي به روزي آهي، هُو ڀلا ڪٿان کائيندو؟
ويلنٽائن پاڻ به هڪ سازشي ماڻهو هو، هُن به رات جو لڪي لڪي وڃي فوجين جون شاديون ڪرايون، جڏهن ته وقت جي حڪمرانن ان کي روڪيو هو. نيٺ حرام موت مري ويو. هتي اسان وٽ هجي ها ته ڪو سٺو وڪيل ڪري ها ته جان ڇٽي وڃيس ها. هاڻوڪو آمريڪي صدر به ڪيترن ئي ڏچن ۾ پئجي ويو آهي، ان کي به آخر اسان جي جرح وڪيلن جو سهارو وٺڻو پوندو، تڏهن وڃي جان آجي ٿيندس. هِي جيڪي نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون جينز پائي ويلنٽائن ڏهاڙي تي گڏ گهمن ٿا، اِهو بلڪل غلط آهي، سمنڊ ڏانهن ويندڙ سڀ رستا بند ڪرايا وڃن، المنظر تي سنڌي ڊرامن واري قبيلائي فوج کي سمهاريو وڃي. ويلنٽائن ڏهاڙو هِڪ وڏي سازش آهي، اچو ته مِلي ڪري انهي سازش کي ناڪام بڻايون ۽ پنهنجي نئين پيڙهي کي ناقابل واپسي نقصان کان بچايون، انهي ڏينهن تي ٻوٽا پوکيو، ٽي وي ڏسو، ننڊ ڪيو، عورتن ۽ ٻارڙن کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيو، ڀل ڪو گلاب جو گل کڻي ڇو نه اچي، ان کي بيٺي پيرين واپس ڪرايو.
مٿي ڪيل هي سڀ ڳالهيون منفي انداز ۾ سوچڻ سان ئي محبتون گهٽجي ويون آهن ۽ نفرتون چوٽ چڙهن پيون، ڇا ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته محبت ۽ پيار ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ نفرتن ۾ رکيو ڇا آهي؟ ان ڪري محبتون ڏيون ۽ محبتون وٺو، ان سان ئي معاشرا بهتري طرف وڌندا آهن ۽ ننڍيون ننڍيون رنجشون ختم ٿي وينديون آهن.