لاهور (م ڊ): مسلم ليگ عوامي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته هي نظام خطري ۾ آهي ته نواز شريف سبب آهي، پاڪستان عوامي تحريڪ جي جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته اسان جي معيشت تباهه ڪئي وئي، چين ۾ 200 وزيرن، گورنرن ۽ صوبن جي هيڊ کي ڦاسي ٿي، مون چين جي سفير کي چيو ته اسان سي پيڪ جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، چورئو قوم کي ٻڌايو اڃا رڳو 18 بلين ڊالر آيا آهن، اعجاز الحق تون به شرم ڪر، هن چيو ته انهن سوچيو هيو ته ڪير اسان جي سامهون ايندو، انهن پنج ججن کي مان سلام ڪريان ٿو، جن نواز شريف خلاف فيصلو ڏنو.