نصير آباد ڀرسان ناري جي بازيابي لاءِ ويل پوليس اهلڪار يرغمال،ڪٽڪو،علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

نصيرآباد ( رپورٽ حافظ عاشق حسين ڦلپوٽو ) هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي حڪم تي ناري افروز چانڊيو جي بازيابي جي لاءِ ويل نصيرآباد پوليس ڳوٺ الهداد چانڊيو جي رهواسين مٿان ايس ايڇ او نصيرآباد پٽيشنر عم سميت يرغمال اطلاع تي ڊي ايس پي نصيرآباد وڏي نفري وٺي پهتو ته ڳوٺاڻن پوليس مٿان ڏنڊن ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو ڊي ايس پي نصيرآباد سميت چار اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو رينجرز سميت وڏي تعداد ۾ پوليس نفري ٻيهر پهچڻ بعد درخواست گذار سومر چانڊيو بازياب اهلڪارن سرچ آپريشن ڪري 8 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو رپورٽ موجب ڪالهه حاء ڪورٽ لاڙڪاڻو جي حڪم تي نصيرآباد پوليس درخاست گذار سومر خان چانڊيو سان گڏجي 6 مهينا اڳ شادي شدهه ناري افروز خاتون زال عبدالغفار چانڊيو کي بازياب ڪرائڻ جي لاء نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ الهداد چانڊيو تي چڙهائي ڪئي ته ڳوٺاڻن پوليس ۽ درخواست گھذار کي يرغمال بڻائي ورتو اهڙي اطلاع تي ڊي ايس پي نصيرآباد وڏي تعداد ۾ پوليس نفري ساڻ ڪري ڳوٺ پهتو ته ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ جنگ شروع ٿي وئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن سرن ۽ ڊنڊن سان حملو ڪري ڊي ايس پي فهيم احمد فاروقي سپاهي مير حسن ڪانڌڙو عبدالنبي کوسو نثار بروهي ڌڪ لڳڻ جي ڪري سخت زخمي ٿي پيا جن کي صحت سينٽر روانون ڪيو ويو علائقو ميدان جنگ هجڻ واري اطلاع کانپوء قمبر ضلعي جي آل ايس ايڇ اوز سميت وڏي تعداد ۾ نفري ڳوٺ پهچي ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن ڪري 8 ڳوٺاڻن جن ۾ ڳوٺ جو چڱو مڙس سڪندر علي چانڊيو منير علي بلاول محب علي چانڊيو وزير ساجد ۽ آصف چانڊيو کي گرفتار ڪري ڳوٺ تي ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ درخواست گذار کي پڻ بازياب ڪرائي ورتو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *