نصيرآباد (رپورٽ؛حافظ عاشق) نصيرآباد پوليس جوابدار کي پڪڙي هاف فرائي ڪري ڇڏيو ڊي ايس پي ۽ايس ايڇ او پاران مقابلي جي دعوا هاف فراء ٿيندڙ جوابدار مٿان 5 ڪيس ظاهر هاف فراء ٿيندڙ جوابدار جي وارثن جو عورتون توڙي ٻارڙن پاران قران پاڪ کڻي پوليس خلاف احتجاج نٽهڻ اس م ڌرڻو پ پ پ جي مقامي اڳواڻ ارباب جهتيال مٿان الزام اسان جي همراه کي ووٽن ن ڏيڻ ڪري هاف فراء ڪيو ويو آهي جوابدار جا وارث هاف فراء ٿيندڙ جوابدار ڏوهاري ۽ منشيات فروش آهي ڊي ايس پي ايس ايڇ او نصيرآباد رپورٽ موجب ڪاله منجهد ڌاران ڊي ايس پي فهيم احمد فاروقي ايس ايڇ او محمد علي کوکر ننگر جهتيال لاڙي تي ڏوهارين سان مقابلي جي دعوا ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو تہ اسان جو ننگر جھتيال لاڙي کان ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيوجنهن م هڪ جوابدار نظام الدين عرف نظو جهتيال ويٺل ننگر جهتيال کي زخمي حالت م هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي نصيرآبادپوليس دعوا ڪندي چيو تہ گرفتار جوابدار مٿان اغوا ۽ ڦرن جا 5 کان مٿي سنگين ڪيس داخل ٿيل آهن ۽جوابدار علائقي جو بدنام ڏوهاري ۽ منشيات فروش آهي جنهن جي اسان کي تلاش هئي عوام جي دعائن سان جوابدار هٿ اچي ويو آهي، پاڪ کڻي معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي چيو اسان جي همراه کي پ پ پ جي مقامي اڳوڻ ارباب جهتيال جي چوڻ تي پوليس پئيسا وٺي هاف فراء ڪري ناانصافي ڪئي آهي ھنن داھيندي چيو تہ ارباب جھتيال ووٽ پ پ پ کي نہ ڏيڻ سبب اسان.مٿان ڏمريل ھيو جنھن اسان جي.ھمراھ.کي پوليس کان پڪڙاۂي بيگناھ کيس ھاف راء ڪرايو آھي اعليٰ انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.