نصيرآباد ( رپورٽر) نصيرآباد پريس ڪلب ۾ سالياني حلف برداري ۽ ايوارڊ تقريب ٿي گذري يونين آف جرنلسٽس جي اهم عهديدارن صحافين ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ سياسي سماجي ادبي ڪاروباري ڌرين سميت نصيرآباد واسين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت 2016 جي حسن ڪارڪردگي جا صحافين کي ايوارڊ ڏنا ويا صحافين جو معاشري ۾ وڏو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي صحافين ڏکين حالتن باوجود خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن صحافين جون زندگيون خطري ۾ هجڻ باوجود پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهن ڏکين حالتن ۾ مظلوم عوام جو آوزا اعلا ايوانن تائين پهچائي رهيا آهن سنڌ سرڪار صحافين جي ڀلي لاءِ قدم کڻي ۽ ضرورت آهي ته سنڌ جا صحافي اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي وڃن تقريب کي يونين آف جرنلسٽس حيدرآباد ڊويزن جي صدر خالد کوکر لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي صدر ايس بابو اقبال يونين آف جرنلسٽس لاڙڪاڻي ڊويزن جي سرپرست ظفر ابڙو ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ شهمير ڀٽو نويد لاڙڪ جاويد شاهه سينگار نوناري حافظ عاشق حسين ڦلپوٽو ۽ ٻين جو خطاب رپورٽ موجب ڪالهه نصيرآباد پريس ڪلب سالياني ايوارڊ تقريب ۽ سال 2017 جي چونڊجي آيل باڊي حلف برداري تقريب ۾ سينيئر صحافي يونين آف جرنلسٽس حيدرآباد ڊويزن جي صدر خالد حسين کوکر لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي صدر ايس بابو اقبال يونين آف جرنلسٽس لاڙڪاڻي ڊويزن جي سرپرست ظفر ابڙو ڊي سي قمبر شهمير ڀٽو نويد لاڙڪ جاويد شاهه قمبر ڊسٽرڪٽ بار جي صدر عاشق جتوئي پ پ پ اڳواڻ خان محمد ڦلپوٽو عوامي ورڪرز جي سينگار نوناري ميمبر ضلع ڪائونسل قمبر عاشق حسين واهوچو پ پ پ ورڪرز جي نياز حسين ڪلهوڙو پ پ پ اڳواڻ عبدالعزيز ڇٽو ناليواري شاعر ممتاز لوهار شهري اتحاد جي صدر مرتضا چانڊيو اشفاق مسڻ سينيئر صحافي محرم چانڊيو سڪندر تنيو ڪامران تنيو اقبال چنو ڪائونسلر جبار آزاد منگي ارشاد شاهه منصف کهاوڙ غلام محمد ڀٽي عبدالخالق مغيري مختيار عباسي جبار ميمڻ حافظ ممتاز لنجواڻي طارق چانڊيو ايڊووڪيٽ عنايت تنيو سميت وارهه پريس ڪلب لعلو رونڪ پريس ڪلب ميهڙ باڊهه گاجي کهاوڙ ڏوڪري قمبر لاڙڪاڻو سميت ٻين شهرن جي قلم ڌڻين۽ نصيرآباد واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سال 2016 جا ايوارڊ انجنيئر احمد بخش ڏيپر بشيرا حمد لغاري بشير احمد بروهي محمد اعظم ٽڳڙ راجا سميع الله لاشاري عبدالمجيد بروهي رستم لغاري اڪرم شيخ کي ايوارڊ ڏنا ويا جڏهن ته نصيرآباد پريس ڪلب جي صحافين محمد عظيم ٽڳڙ ممتاز لنجواڻي غلام رسول کوسو ذوالفقار مغيري روشن علي ڀٽي وحيد باداڻي لياقت جان بروهي آغا گلزار کي نصيرآباد پريس ڪلب پاران شيلڊون پڻ ڏنيون ويون جڏنهن ته صحافتي خدمتن جي عيوض لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي ايس بابو اقبال کي پڻ مڃتا يوارڊ ڏنو ويو شهري اتحاد سميت سول سوسائٽي کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافي پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي وڃن ۽ شهري توڙي ٻهراڙي جي صحافين جي يونين آف جرنلسٽس پاران گروپ انشورنس ڪرائي ويندي سنڌ حڪومت صحافين جي ڀلائي جي لاء قد۾ کڻي جڏنهن ته تقريب ۾ راڳ رنگ توڙي مزاحيه خاڪه پڻ پيش ڪيا ويا پريس ڪلب پاران آيل معزز مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پڻ ڏنا ويا