نصيرآباد(رپورٽر).نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ اجلاس مان مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ.پنجن ڏينھن م اڪائونٽ جي انفارميشن نہ ملي تہ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ، نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي جي ڪائونسل جي بجيٽ اجلاس مان مخالف ڌر عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪائونسلرن سينگار نوناري.غلام مصطفیٰ نوناري ء پ پ پ شھيد ڀٽو جي چونڊيل ڪائونسلرن رسول بخش کوسو.محمد نواز اوڍاڻو بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري نصيرآباد پريس ڪلب م پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ گذريل ڏھن مھينن کان ڪائونسل جڙڻڻ کان ھن وقت تائين چونڊيل ڪائونسلر ھجڻ باوجود ٽائون جا اثاثا ء اڪائونٽ بابت گھر ڪرڻ باوجود تفصيل نہ پيا ڏنا وڃن.من پسند ماڻھن کي ٽائون مان لکين روپيا ڪڍي ڏنا پيا وڃن.ھنن چيو تہ اسان کي اطلاع آھن تہ مرحوم محمد حيات شيخ جي فوتگيء وقت اڪائونٽ م 3 ڪروڙ روپيا پيل ھيا ء ھن وقت اڪائونٽ خالي آھي.لڳاتار ٻہ اجلاس ملتوي ڪرڻ جي باوجود ھن ٽئين اجلاس م بہ اڪائونٽ جا تفصيل ناھن ڏنا ويا ء وري تجويزون پيون ورتيون وڃن.شھر اندر پاڻيء جو اھم مسئلو حل ڪرڻ ڏانھن سنجيدہ ٿيڻ جي ضرورت آھي پر انتطاميا لڳاتار ڪن لاٽار پئي ڪري.ٿيل قانون سازي تي عمل ٿئي تہ شھر جي ڪابہ گھٽي يا نالي اڻ ٺھيل نہ رھندي.انتھائي امير ٽائون ڪاميٽي جا شھري پيئڻ جي صاف سٿري پاڻي.نيڪال ء اسٽريٽ لائيٽ لاء پريشان آھن.ھنن چيو تہ موجود وقتي چيئرمين حاجي وزير علي ڦلپوٽو صفائي جي ڪم کي بھتر ڪيو آھي پر ڪروڙين روپين عيوض اسين ھڪ پاسي کي سموري شھر تان گھوري نٿا سگھون. ھنن چيو تہ پنجن ڏينھن اندر وقتي چيئرمين ء ٽائون آفيسر اڪائونٽ بابت صحيح معلومات نہ ڏني تہ ٻئي صورت م احتجاج ڪيو ويندو.