ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ پ پ ايم پي اي امداد پتافي ۽ ف ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي وچ ۾ جھيڙي جي قانوني ماهرن توڙي سياستدانن سخت مذمت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي سربراهه عاصمه جهانگير چيو آهي ته وفاقي محتسب اعليٰ نصرت سحر عباسي کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس وٺي. نجي ٽي وي کي موقف ڏيندي عاصمه جهانگير چيوته اسيمبلي ۾ اسان جا نمائندا چونڊجي آيا آهن يا لفنگا؟ انهن کي به خبر ئي ناهي ته عورت سان ڪيئن ڳالهائبو آهي؟هن چيو ته هي عجيب شرم جوڳي صورتحال آهي. انهن کي سزا ملڻ گھرجي، سندن اسيمبلي سيٽ وڃي ته پوءِ ڏسنديس ته اڳتي ڪير ٿو ا.ئين ڳالهائي. هواڏنهن ناليواري تعليمي ماهر ۽ ف ليگ اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي چيو آهي ته اسيمبلي ۾ عورت ميمبر لاءِ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ شرم جوڳو آهي. ماڻهن جي تذليل ڪئي پئي وئي ۽ ماڻهو پويان ويهي خوش ٿي رهيا هئا. شهلا رضا پاڻ عورت آهي، کيس امداد پتافي کي شٽ اپ ڪال ڏيڻ کپندي هئي.