نشوا جي وفات غفلت ۽ لاپرواهي جو نتيجو آهي:لاڳاپيل عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(هه آ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب 9 مهينن جي ننڍي پري نشوا جي مقامي اسپتال ۾ وفات تي گهري ڏک جو افسوس ڪندي چيو آهي ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سنڌ جي عوام ۽ سنڌ حڪومت نشوا جي والدين سان گڏ آهي. اهو واقعو سياست ڪرڻ لاءِ نه پر اسان سڀني لاءِ فڪر ڪرڻ جي ڳالهه آهي. مان به اولاد وارو آهيان، والدين جو ڏک سمجهان ٿو. سنڌ حڪومت نشوا جي والدين جو ڀرپور ساٿ ڏيندي سنڌ حڪومت نشوا جو علاج ڪرائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جو پلان جوڙيو هو ۽ ان جي والدين کي ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي آڇ ڪئي هئي پر نشوا جي ذندگي سندس ساٿ نه ڏئي سگهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ نشوا جي والدين کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته نشوا جي وفات سراسر غفلت ۽ لاپرواهي جو ڪارڻ آهي اهڙي جرم ۾ ملوث ماڻهن خلاف سنڌ حڪومت سخت قانوني ڪارروائي ڪندي، هن چيو ته نشوا جو ڏک اسان جو اجتماعي ڏک آهي. واضح رهي ته 06 اپريل تي گلستان جوهر جي مقامي اسپتال ۾ عملي جي نا اهلي ڪارڻ ٻارڙي نشوا کي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ان جي طبيعت سخت خراب ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ ان کي ٻئي مقامي پرائيوٽ اسپتال جي آئي سي يو ۾ رکيو ويوهو جٿان ان جي اڄ وفات ٿي وئي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *