نئين دهلي ( م ڊ ) اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت کي والاريل ڪشمير ۾ انساني المي ۾ وڌيڪ اضافي جو ذميوار قرار ڏنو آهي. انڊين نيسنل ڪانگريس جي شروعاتي سيشن ۾ خطاب ڪندي من موهن سنگهه چيو ته نريندر مودي جي اقتدار ۾ ايندي ئي والاريل ڪشمير ۾ حريت پسندن جي تحريڪ ۽ پرتشدد واقعن ۾ غير معمولي اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته 2014ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ ۽ بي جي پي جي سياسي اتحاد سبب والاريل ڪشمير ۾ صورتحال ۾ شدت پيدا ٿي، سياسي پارٽين جي نظرياتي ٽڪراءَ سبب ٻنهي پارٽين جي انتظاميه هڪ ٻي جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جون سرحدون هاڻي محفوظ نه آهن، سرحد پار دهشگردي، داخلي دهشتگردي ۽ انتها پسندي اهي مسئلا آهن جن سبب ڀارتي عوام کي شديد پريشاني لاحق آهي ۽ نريندر مودي جي حڪومت ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي.