نامياري شخصيت   انفارميشن کاتي سکر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اديب ليکڪ قربان پيرزادو جو چاليهو

 ڏوڪري(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ قربان پيرزادو يادگار ڪميٽي  پاران نامياري شخصيت   انفارميشن کاتي سکر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اديب ليکڪ قربان پيرزادو جو چاليهو موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ٿي گذريو جنهن جي صدارت علي گلزار ڀٽو ڪئي جڏهن ته مهمان خاص ۾ مينهون خان بلوچ. پروفيسر نور محمد ملڪ. ليکڪ اديب سين بي کوسو. شاعر اديب ڊراما نويس محمد علي پٺاڻ هيا. جڏهن ته پروگرام ۾ صحافين اديبن شاعرن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ ٻين سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ صحافي الطاف پيرزادو. سڳنڌ سنڌي. اقرار پيرزادي.جسقپ اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي. ڪامريڊ گلاب پيرزادو. طالب چنو. مامو رمضان ساريو. فراز پيرزادو. حاڪم منگي. قربان جتوئي. جست اڳواڻ احمد انقلابي. منظور مڱڻ. واٽر مئنيجمينٽ جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر نظير ساريو. عبدالرسول رونگهون. پ پ اڳواڻ منصور امام ساريو. محب پيرزادو. اسد پيرزادو. شهباز پيرزادو. ڊاڪٽر اصغر پيرزادو. علي مردان پيرزادو. ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پروگرام کي آجياڻو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي سيڪريٽري قربان پيرزادو ڏنو جنهن چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران سنڌ جي سورمن مهان شخصيتن جا اهڙا ڏينهن ملهائڻ جي روايت برقرار رکندي اڃ مهان شخصيت قربان پيرزادو جو چاليهو تقريب ڪرائي آهي قربان پيرزادو هڪ شفيق انسان هيو. جنهن هميشہ بنا فرق جي خدمتون ڪندو رهيو. قربان پيرزادو تي ڳالهائندي نامياري صحافي اديب الطاف پيرزادو چيو ته آنور پيرزادو ۽ قربان پيرزادو علائقي ۽ ڳوٺ وارن لاءِ وڻ وانگر ڇانو هيا جيڪا ٻلهڙيجي واسي ان ڇانو کان محروم ٿي ويا آهن هن چيو ته هر ننڍي وڏي جو ڀرجهلو همدرد هيو. اديب ليکڪ اقرار پيرزادي چيو ته قربان پيرزادو منهن جو ملوڪ ۽  ڪچهري جو مور هيو. لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي صدر بابو اقبال چيو ته قربان پيرزادو هڪ عظيم شخصيت هئي جنهن مارشلا جي دور ڏکي دور ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏني سندس هڪ بهادر هڪ ۽ سنڌ دوست شخصيت هئي. پروگرام کي شفقت علي شاهه. سکر کان آيل قربان پيرزادو جي دوست فيض سومرو چيو ته قربان پيرزادو وڇڙيو ناهي پر گڏ آهي اهڙا موٽي هميشه زنده هوندا آهن. ضيا ڀٽي. سگهڙن غلام مڱريو نسر نويس ليکڪ اديب ڊاڪٽر گدا حسين شاھ بخاري چيو ته ٻلهڙيجي جي سڃاڻپ آنو ر پيرزادو راڳ ڪميونسٽ کان علاوه ٻلهڙيجي جو مور قربان پيرزادو هيو قربان پيرزادو انور پيرزادي جي ذڪر وقت قربان پيرزادو جو ذڪر ڪرڻ به ضروري هيو قربان پيرزادو هڪ اعلي پائي جو آفيسر هوندي سادگي سچائي سان پير کنيو جنهن هميشہ محبت ۽ قرب ڪمايو. هن چيو ته قربان پيرزادو ڪردار ۾ سچو ۽ کرو رهيو. سنڌ جي نالي واري صحافي ظهير ميراڻي خطاب ڪندي چيو ته قربان پيرزادو سان هڪ پنهنجائپ وارو واسطو رهيو هو هڪ انمول انسان هيو هن چيو ته اڃ هي ميڙاڪو ٻڌائي ٿو ته قربان پيرزادو واقع قربان پيرزادو هيو جنهن جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪيو ن ٿا. پروگرام ۾ يوسي موهن جو دڙو جي چئير مين اسد پيرزادو پاران پنهنجي طرفان زمين ڏيئي اتي قربان پيرزادو لائبرري جي قيام جو اعلان ڪيو. جنھن جو افتتاح سندس پهرين ورسي تي ان لائبرري جو افتتاح ڪيو ويندو،ان موقعي تي قربان پيرزادو جي پٽ محبتي ماڻهو محمد حسن پيرزادو چيو ته منهنجي بابا جي هن چاليهي ۾ شريڪ ٿيا آهيون اوهان جا لک لائق آهن جو منهنجو بابا جي چاليهي تي آيا آهيون انشاءَ الله بابي جي ڇڏيل راهه تي هلي ٻڪهڙيجي جي ماڻحن سان ساٿ سلامت رهندو،آخر ۾ خيرات جي ماني پڻ کارائي ويئ ،ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ڏوڪري پاران عوامي سجاڳي قربان پيرزادو ايڊيشن چپراصيل پڻ ورهايو ويو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *