ڪراچي/ حيدرآباد( رپورٽرز) سنڌ جو ناليوارو ڏاهو ۽ عوامي تحريڪ جو سرواڻ رسول بخش پليجو 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . ناميارو ڏاهو ۽ عوامي تحريڪ جو سرواڻ رسول بخش پليجو لاڏاڻو ڪري ويو .ڦڦڙن ۾ انفيڪشن سبب کيس سائوٿ سٽي اسپتال داخل ڪرايو ويو. وينٽي ليٽر تي به رهيو، ڪجهه ڏينهن طبعيت سڌرڻ بعد ٻيهر بگڙي وئي. مختلف مرضن سان جهيڙيندي نيٺ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو.. رسول بخش پليجي جو جنم 20 جنوري 1930ع تي جنگشاهي لڳ ٺٽي ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم مقامي ملان مڪتب ۽ مدرسن ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سيڪنڊري تعيلم سنڌ مدرسته الاسلام هائير سيڪنڊري اسڪول ڪراچي جهڙي مشهور درسگاهه مان پرايائين. هن قانون ۾ گريجوئشن سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ڪئي.