نالائق اعظم ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن ان لاءِ هڪ جيل ۾ آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم جي سڌ سماءُ کاتي جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر دردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نالائق اعظم ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن ان لاءِ هڪ جيل ۾ آهي.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن جي طرفان وزيراعظم  ۽ حڪومت کي نالائق چوڻ تي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ قوم ڪرپشن ۽ معاشي بدحالي جي ڪينسر جو علاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو وقت پري ناهي جڏهن معيشت به هلندي ۽ عوام خوشحال ٿيندي. نالائق اعظم ۽ پاڪستان اڳيان نٿا هلي سگهن ان لاءِ هڪ جيل ۾ آهي. ٻيو ٻاهر ڀڄي ويو آهي ۽ ٽيون ناٺي معيشت کي چونو هڻي مفرور آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هنن جي نظر ۾ اهوئي لائق آهي جيڪو مني لانڊرنگ جا نوان طريقا ٻڌائي جيڪو قوم جا پئسا کائي پوءِ شوبازي ڪري. قوم جي ٻارڙن جي وات مان ماني جو گرهه ڦري پنهنجن لاڏلن جو پيٽ ڀري. هنن جي نظر ۾ جيڪو قوم جو پئسو کائي پوءِ شوبازي ڪري اهو لائق آهي جيڪو هنن جي ڪرپشن جو حصيدار نه  ٿئي ۽ کانئن ڪرپشن جو حساب گهري ته اهو نالائق آهي ۽ نااهل به.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *