نالائقن جي حڪومت ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي: مريم نواز

بهاولپور: (م ڊ): مريم نواز چيو آهي ته نالائقن جي حڪومت ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي، ڏهه مهينا ٿي ويا آهن، عوام اڃا تائين هڪ به چڱي خبر ناهي ٻڌي، 22 ڪروڙ عوام مهانگائي جي گهاڻي ۾ پسجي رهيو آهي.مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ سان جيڪو سانحو ٿي رهيو آهي ان جو چرچو نه ڪجي ته پوءِ اها زيادتي هوندي. گيس جي قيمتن ۾ 140 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، هر ڏينهن ٻڌون ٿا ته اڄ گيس ۽ کنڊ مهانگي ٿي وئي آهي، بجلي جون قيمتون ڪٿان کان ڪٿان پهچي ويون آهن.جڏهن به جيل ويندي آهيان ته ميان صاحب ڪڏهن به اهو نه چيو ته منهنجي لاءِ آواز اٿاريو؟ هن هميشه اهو چيو ته وڃي عوام جو ڏک ۽ سور ڏسو، پگهارون گهٽ ۽ گهرن جو خرچو ٻيڻ تي ٿي ويو آهي.مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته بليغ الرحمان سان وڏو سانحو ٿيو آهي، دلي تعزيت ڪريان ٿي، بليغ الرحمان ۽ ان جي ڪٽنب کي الله سائين صبر ڏي، قمر زمان قائره جي پٽ جي لاڏاڻي تي به ڏک آهي. بليغ الرحمان سان فون تي ميان صاحب ڳالهائيندي ڏکائتو ٿي ويو.ارباب اختيار کان فرشته جي قتل تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪريان ٿي، معصوم فرشته جي لاءِ آواز اٿارينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *