ناصر خان کوسه جي نگران پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان عهدو سنڀالڻ کان معذرت

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻو بيورو ڪريٽ ناصر خان کوسه پنجاب جي نگران وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي نامزدگي واپس وٺي ميڊيا ۾

تڪراري بڻايو ويو آهي منهنجي خلاف بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي ويئي جيڪڏهن هن منصب لاءِ نالو تجويز ڪرڻ کان اڳ مشورو ڪيو وڃي ها ته بهتر هجي ها هن چيو ته تازو ئي پيدا ٿيندڙ حالتن جي حوالي سان نگران وڏي وزير جو عهدو نه پيو سنڀالي سگهان ناصر خان کوسه چيو ته شفاف چونڊن لاءِ نگران وڏي وزير کي سياسي جماعت جو اعتماد حاصل هئڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *