جيڪب آباد (رپورٽر) مسلمان ٿي پسند جي شادي ڪندڙ ناري مهڪ ڪماري عدالت ۾ پيش، مڙس جي حق ۾ بيان، پسند جي شادي ڪندڙ هندو ناري مھڪ ڪماري کي پوليس فرسٽ سول جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز علي لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ناري مھڪ عدالت آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته آئون رضا خوشي سان مسلمان ٿي آھيان، مون کي ڪنهن ورغلايو ناهي، مرضي سان علي رضا سولنگي سان نڪاح ڪيو آهي، منهنجي مڙس جي وارثن تي جيڪو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ان کي ختم ڪيو وڃي، ناري مهڪ وڌيڪ چيو ته منهنجي مڙس مٿان 5 لک رپيا چورائڻ ۽ ٻيا جيڪي به الزام آھن اها ڪوڙا آهن، ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ناري جا والدين، ڀينر ۽ ٻيا مائٽ موجود ھئا، بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ناري عليزا ۽ علي رضا سولنگي کي پوليس پنهنجي حفاظت ۾ کڻي عدالت کان روانو ٿي وئي، عدالت ٻاهران مسلمان ٿيل عليزا ۽ مڙس تي گلن جي ورکا ڪئي وئي، انھن جي حق ۾ نعرا هنيا ويا، جوڙي جي پيشي وقت شھر ۾ سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، شھر جي ڊي سي چوڪ ۽ عدالت ڏانهن ايندڙ رستن تي ڪنڊيدار تار لڳائي رستا سيل ڪيا ويا.