ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صنعت ڪامرس ۽ ڪوآپريٽو کاتي سنڌ جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آھي ته ڪراچي ياترا ڪرڻ واري وزير خارجا کان سنڌ کي معاشي دھشتگردي جو شڪار قرار ڏيڻ وارا سليڪٽيڊ وزيراعظم پاران ڪافي ڏينھن اڳ ڪراچي لاء اعلانيل 162 ارب روپين جو سنڌ دوستي خاطر پڇڻ جي ھمت يا زحمت ئي ڪري وٺن ھا ـ انھن خيالن جو اظھار ھن اڄ ھتي پنھجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو ـ صوبائي وزير سنڌ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت تي تنقيد جا تير وسائيندڙ وارن کي اھو بخوبي معلوم ھجڻ گھرجي ته عوام صبر جو دامن اختيار ڪيون ويٺي آھي نااھل حڪمرانن جي نااھل پاليسين جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آھي ـ ھن چيو ته ارڙھين ترميم جا گڻ ڳائيندڙن سنڌ جون ٽي بھترين اسپتالون کسي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيون جڏھن ته پيپلز پارٽي حڪومت ڪراچي کي اون ڪري ٿي ۽ ترقياتي ڪم ڪرائي رھي آھي ڪراچي ۾ تعمير ٿيندڙ ۽ زير تعمير فلائي اوور روڊ رستا پارڪ ۽ ٻيا ترقياتي ڪم پيپلز پارٽي مخالفن کي ڪڏھن ب نظر نه ايندا جڏھن ته ڪراچي جي ترقي جون ڳالھيون ڪندڙن کي في الحال 162 ارب روپين جو پيڪيج ياد ڏيارجي ٿو پيپلز پارٽي وفاق کان سنڌ جا حق گھري پئي ليڪن حق ڏيڻ بجائي سياسي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻايو وڃي پيو ـ ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت جي سليڪٽيڊ وزيراعظم ۽ سليڪٽيڊ وزيرن کان ٻيو ڪو ڪم ٿئي ئي نٿو ليڪن ميڊيا ۾ سياسي مخالفن کي گاريون ۽ ڪردار ڪشي ڪرڻ انھن جي روزاني شيڊول ۾ ضرور شامل ھوندو آھي جڏھن ته حڪومت ۾ شامل سنڌ جي ٻين پارٽين جي اتحادين کي مايوسي ٿي آھي ۽ ھاڻ اھي ٻئي آپشن جي تلاش ۾ آھن ـ ھن چيو ته مشرف جي ٽيم مشرف ڪيس ۾ مشرف کي بچائڻ لاء ميدان ۾ اچي چڪي آھي جيڪا ڳالھ تمام جمھوري سياست ڪندڙ پارٽين لاء فڪر جو لمحو ھجڻ گھرجي ـ ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم پھريان ئي ملڪ کي مشڪل حالتن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آھي ۽ ھاڻي اھڙا غير جمھوري قدم کڻي وڌيڪ لاپرواھي جو مظاھرو ڪري رھيو آھي جيڪو ملڪي مفاد ۾ ھرگز ناھي ـ