اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءَ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نااهل ليگ جو ڪو به نظريو ناهي، هنن کي رڳو پنهنجا ذاتي ڪاروباري مفاد عزيز آهن.فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته شهباز شريف ذهني مونجهاري جو شڪار آهي، کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو جيل ۾ پنهنجي ڀاءُ کان لائن وٺي يا پنهنجي دل جي ٻڌي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته شهباز شريف مفاهمت جي ڳالهه ڪري ٿو ته سندس پنهنجا سياسي انتها پسند سندن پيرن جي زنجير بڻجي وڃن ٿا.هن چيو ته شهباز شريف جي ذهني ڪشمڪش جو ثبوت سندس خطاب آهي، هڪ طرف ميثاق معيشت ۽ ٻئي طرف وري حڪومت نه هلڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جيل ۾ پنهنجي ڀاءُ کان لائن وٺي يا وري پنهنجي دل جي ٻڌي، نااهل ماڻهن جو ڪو به نظريو ناهي، رڳو سندن ذاتي ڪاروباري مفاد آهن.