نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ خلاف درخواست تي نواز شريف کان جواب طلب

اسلام آباد ( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ خلاف درخواست تي نواز شريف کان جواب طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي 28 جولاءِ جي فيصلي ۾ نواز شريف کي قومي اسيمبلي جي ميمبر طور نااهل قرار ڏنو جنهن بعد هو وزارت عظميٰ جي عهدي لاءِ نااهل ٿي ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مقامي وڪيل رئيس عبدالواحد طرفان نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ خلاف پٽيشن داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ اخلاقي روايتن خلاف آهي. درخواستگذار نواز شريف کي پارٽي صدر بڻائڻ جي قدم کي رد قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواستگذار جي موقف تي نواز شريف، چيف اليڪشن ڪمشنر، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ، سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن ۽ سيڪريٽري قانون کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.  عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ نواز شريف کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *