نااهل حڪومت کي سهارو ڏيندڙ به ڏوهي آهن: فضل الرحمان

ٽانڪ (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ن ليگ قائد نواز شريف تسليم ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ حلف کڻي غلطي ڪئي.ٽانڪ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم کي ڪمزور ڪري چيو پيو وڃي ته ملڪ هلي رهيو آهي، اهو ملڪ جون پاڙون ڪمزور کوکليون ڪرڻ برابر آهي، اڄ ملڪ جام ٿي چڪو آهي ۽ سالياني مجموعي ترقي جو ڪاٿو ٻڙي کان هيٺ هليو ويو آهي، ايندڙ ٻن سالن ۾ ترقي جي شرح وڌيڪ ڪِرندي.هن چيو حڪومت ناجائز هجي ۽ نااهل به هجي ته ان کي رهڻ جو حق ناهي، هيءَ حڪومت ناجائز ۽ ڌانڌلي جي پيداوار آهي، جيڪو اهڙي نااهل حڪومت کي سهارو ڏيندو اهو به ڏوهي هوندو.سندس چوڻ هو ته سموريون سياسي جماعتون هڪ پيج تي آهن، چونڊن کانپوءِ سڀني جماعتن چيو ڌانڌلي ٿي آهي، نواز شريف جا ٻه خط آيا آهن، هڪ خط مون کي ۽ هڪ شهباز شريف کي، نواز شريف لکيو آهي ته مولانا چيو هو اسان کي اسيمبلين ۾ نه وڃڻ گهربو هو.فضل الرحمان چيو ته حڪومت لُڏي وئي آهي، حڪومت سوالنامو موڪلي ڪردارڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي، اهو جمعيت تي حملو آهي، پيشي ٿي ته مان نه سڄي جماعت پيش ٿيندي.جي يو آءِ سربراهه موجب سڀ متفق آهن ته هتي نه جمهوريت آهي ۽ نه آئين ۽ قانون جي عملداري، عالمن ۽ مذهبي ڪارڪنن به ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون، مذهبي طبقو ساٿ نه ڏئي ها ته فوج دهشتگردي خلاف جنگ ڪامياب نه ٿئي ها.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *