اسلام آباد( بيورو ) اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي 26 جولاءِ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ هاشم ڀٺه طرفان عمران خان جي نااهلي لاءِ درخواست جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهيءَ ۾ چار رڪني بئنچ ڪئي. عمران خان جي وڪيل شاهد گوندل سپريم ڪورٽ جو 13 جون جو حڪم نامو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته هاشم علي ڀٺه ۽ اڪبر ايس بابر جون درخواستون هڪ ئي نوعيت جون آهن، عدالت به اهو ڪيس ٻڌي چڪي آهي، اليڪشن ڪميشن اڪبر ايس بابر جو ڪيس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري چڪي، هاشم علي ڀٺه جي عمران خان خلاف درخواست به اڻڃاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وڃي. چيف اليڪشن ڪمسنر چيو ته هو ته ڪيس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر پهريون جواب جمع ڪرايو وڃي، پهريون درخواست ۾ ڏنل سبب کي قبول يا رد ڪيو وڃي. هاشم علي ڀٺه جي وڪيل عمران خان جي نااهلي بابت ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته اسان جي پٽيشن اڪبر ايس بابر کان ڪافي مختلف آهي تنهن ڪري ڪيس کي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي نه ڪيو وڃي. ٻئي طرف عمران خان جي وڪيل پابندي مڙهيل فنڊنگ جي معاملي تي جواب لاءِ ٻيهر مهلت طلب ڪئي جنهن تي اليڪشن ڪميشن عمران خان کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 6 جولاءِ تائين مهلت ڏئي ڇڏي. چيف اليڪشنر ڪمشنر چيو ته هاڻي جواب نه آيو ته سمجهو ويندو ڪو به جواب ناهي، پوءِ دليل ٻڌا ويندا.