نائن اليون کانپوءِ ان جي ردعمل جهڙي خوفناڪ آمريڪي حڪمت عملي

February 2, 2017 at 12:28 am

نسيم بخاري

نئين آمريڪي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ست مسلم ملڪن جي ماڻهن جي آمريڪا اچڻ تي پابندي، دنيا کي جنهن نسلي ۽ انتهاپسندي رجحان جي ڌٻڻ طرف ڌڪي وئي آهي، ان جا انتهائي خطرناڪ ۽ هاڃيڪار اثر ته اڻٽر آهن ئي آهن، پر جنهن دهشتگرديءَ کي جواز ڄاڻائي آمريڪا جي سلامتيءَ لاءِ آمريڪي صدر اهو ايڏو وڏو اهم قدم کنيو آهي، تنهن کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ان جي ردعمل ۾ دهشتگرد عنصر ۽ دهشتگرد قوتون پاڻ ۾ متحد ٿي جيڪڏهن مشتعل ٿين ٿيون ۽ بد کان بدترين واقعا ڪن ٿيون ته اها صورتحال دنيا کي ڪهڙن منظرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي؟

هڪ طرف ڊونلڊ ٽرمپ جي روين خلاف سڄي دنيا جا پڙهيا لکيا، باشعور ۽ متحرڪ ماڻهو اٿي کڙا ٿيا آهن ته ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ کي ٽانڊا ڏيڻ ۽ وڌ کان وڌ توايون ڏيڻ لاءِ دهشتگرد ۽ انتهاپسند ٽولا ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ نه رڳو پنهنجي وجود جي بقا واري معاملي تي انتهائي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪري رهيا آهن پر اهي پنهنجي ماضيءَ جي سمورين هاڃيڪار سرگرمين جا رڪارڊ ٽوڙڻ ۽ انسان دشمن دهشتگرد ڪارروائين ۾ ماضيءَ کان گوءِ کڻڻ واري جستجوءَ ۾ به جنبيل ٻڌايا وڃن ٿا.

ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران، عراق، يمن، شام، لبيا، سوڊان ۽ صوماليه جي ماڻهن تي آمريڪا آمد تي پابندي کانپوءِ يڪدم جيئن وٺ وٺ ٿي وئي ۽ هزارين مسافرن کي پريشانين، تڪليفن ۽ مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو، حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن ايڏي وڏي معاملي تي متاثر ملڪن کانسواءِ پنجاهه مسلم ملڪن مان ڪنهن هڪڙي مسلم حڪمران به دانهن ڪوڪ نه ڪئي، مذمت ته پنهنجي جاءِ تي پر سکڻا افسوس جا لفظ به نه اظهاريا ويا، ڇا ٿي پوي ها جيڪڏهن ڪو مسلم ملڪ جو ڪو به حڪمران آمريڪي صدر کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪري ها. حڪمران ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪنهن مسلم ملڪ جي ڪنهن وزير خارجه يا وزير دفاع به ٻه لفظ ناهن ٻاهر ڪڍيا، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪي انتظاميه کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي تمام گهڻو هاڃو پهچايو آهي، ٽانڊا ڏنا آهن، پر مسئلي جي حل لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن، اهي به اوترا ۽ اهڙا ئي خطرناڪ آهن جيتري خود دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خطرناڪ آهي، اهو به نه وسارڻ گهرجي ته آمريڪا خود مختلف وقتن تي انهن عنصرن تي ٻاجهارو رهيو آهي، اڄ جيڪي خود انهن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري رهيا آهن.

آمريڪا ڪو اڇو اجرو ۽ صاف سٿرو ڪردار رکندو هجي ها ۽ ان جي دنيا جي امن جي تباهيءَ ۾ ڪا به آڱر ٻڏل نه هجي ها ۽ ان کانپوءِ اتان جي انتظاميه محفوظ ملڪ جي يقيني سلامتيءَ لاءِ ڪي سخت قدم کڻي ها ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ۽ ذهن انهن پابندين کي وقت جي وڄ تصور ڪندي ڪنهن حد تائين قبول به ڪري ها، پر آمريڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجي هڪ هٽي ۽ بالادستيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جيڪي چال بازيون ڪندو آيو آهي، پڪ سان ان جي ردعمل ۾ ان جو چين آرام ۽ سڪون به ڦٽو آهي، جيڪو وقت سان گڏ گهٽجڻ جا آثار نه ٿا نظر اچن، پر اڃا ان ۾ اضافو يقيني نظر اچي رهيو آهي، ان ڪري ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي جارحاڻن ۽ استحصالي وکن کڻڻ وقت دنيا ۾ آمريڪي حڪومتن جي ماضيءَ واري ڪارڪردگين کي به اک ۾ رکي، ائين ڪرڻ ۾ ئي آمريڪا جو ڀلو آهي ۽ دنيا جي بهتري آهي.

دنيا جو اهو مڃيل اصول آهي ته ڪنهن کي به تڪليف ۾ وجهي ڪو به سُک سان سمهي نه ٿو سگهي. جديد سائنسي تحقيق ۽ نفسياتي ماهرن جي تازن نتيجن اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پريشانيون، ڏک، تڪليفون، تباهيون ڏيندڙ متاثرن کان وڌيڪ عذاب ۽ المين ۾ مبتلا ڏٺو ويو آهي. تڪليف سهندڙ پنهنجي حالتن کي قسمت جو لکيو سمجهي قبولي پنهنجو وقت پاس ڪري وڃي ٿو، پر پريشانيون ڏيندڙ ازلي بي سڪونيءَ جو شڪار هجي ٿو، سو آمريڪا دنيا جي 57 ملڪن جي شهرين کي ڏچي ۾ وجهي خود پاڻ به انيڪ ڳڻتين جي اوڙاهه ۾ سڙي رهيو آهي.

آمريڪا ۾ اڄ به لکين ماڻهو مختلف شهرن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. برطانيه ۾ 10 لک ماڻهن آن لائن دستخطي مهم ذريعي برطانيه جي سرڪار کي چيو آهي ته آمريڪي صدر جي برطانيه آمد روڪي وڃي. برطانوي سرڪار لکين ماڻهن جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. برطانيه ۾ هزارين ماڻهن جا مختلف شهرن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ خلاف مظاهرا ٿيا آهن. آمريڪا ۾ سوين هزارين ماڻهن ۽ ادارن ڊونلڊ ٽرمپ جي ايگزيڪيوٽو آرڊر جي متاثر ٿيندڙن جي مدد لاءِ مختلف پئڪيجز انائونس ڪيا آهن، مفت قانوني سهولتون ميسر ڪيون ويون آهن، عدالتن جا در کڙڪايا ويا آهن، ڏيهي ۽ پرڏيهي انصاف جي سمورن ادارن تائين دانهن ڪُوڪ ڪئي وئي آهي، اهي سڀ جو سڀ ماڻهو جيڪي متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ پاڻ ملهائي رهيا آهن. زبردست مظاهرا ڪري رهيا آهن ۽ عاليشان مزاحمت سان آڏو آيا آهن، سي مسلمان ناهن. برطانيه ۽ آمريڪا جا اهي ماڻهو اتان جا اصلوڪا رهواسي آهن، مختلف رنگ، نسل ۽ مذهبن سان لاڳاپيل آهن، انهن کي عالمي انسانيت جو فڪر آهي، ان جي بقا جي ڳڻتي آهي، اهي انسانيت لاءِ سوچن ٿا، انهن جون دليون ۽ سوچون تنگ نظر نه آهن، اهي پُرامن دنيا جا تمنائو آهن، انهن جي اکين ۾ دنيا جي خوشحالين، ترقين ۽ شاهوڪارين جا خواب آهن، اهي تاريخ ۾ پنهنجي اثرائتي ڪردار سان نروار ٿي رهيا آهن ۽ وقت سان گڏ انهن ۾ واڌ يقيني آهي، اهي سچ ۽ حق جا علمبردار آهن، اهي انسانيت جي اعليٰ ۽ شاندار قدرن جي نِت نئين تاريخ رقم ڪرڻ گهرن ٿا، انهن کي اها ڳالهه به وڏي حيرانگي واري لڳي ٿي ته ڊونلڊ ٽرمپ جنهن طور ۽ طريقي سان پنهنجي ملڪ ۾ امن جا اڃا ڪبوتر اڏارڻ چاهي ٿو ان طرز حڪمراني تي ٻيا ته ٺهيو پر خود ڪي مسلم ملڪن جا حڪمران به سندس ساٿاري بڻيل آهن.

واشنگٽن پوسٽ جي هڪ ذريعي جو چوڻ آهي ته پنج اسلامي ملڪن جا سربراهه ڊونلڊ ٽرمپ جي ايگزيڪيوٽو آرڊر جا حامي آهن، انهن ذريعن جو چوڻ آهي ته عنقريب واشنگٽن پوسٽ اهڙي ڇرڪائيندڙ رپورٽ منظرعام تي آڻڻ واري آهي جنهن ۾ اهو انڪشاف ٿيل هوندو ته ڪهڙا ڪهڙا مسلمان ملڪ ۽ انهن جا حڪمران ڊونلڊ ٽرمپ جي قدمن سان سهمت آهن ۽ انهن جي سهمت هئڻ جا حقيقي سبب ۽ جواز ڪهڙا آهن؟ ان ذريعي جو چوڻ اهو آهي ته اهڙي اسٽوريءَ جي لاءِ لاڳاپيل معلومات هٿ ڪئي وئي آهي، ان کي آڻڻ يا نه آڻڻ، ڪهڙيءَ طرح آڻڻ، ڪڏهن رپورٽ ڪرڻ بابت اڃا ڪي معاملا طئه نه ٿي سگهيا آهن. اها رپورٽ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي اچي يا ڪجهه هفتن ۾، اها ڪنهن جا ڪنڌ جهڪائيندي يا شرمسار ڪندي، ان بابت ته پاڻ ڪو تبصرو نه ٿا ڪيون پر هڪڙي ڳالهه طئه آهي ته اڄوڪي ڏينهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، ڪمال اتاترڪ، شاهه فيصل، ڪرنل قذافي يا اهڙن ماضيءَ جي هِن شاندار تاريخي پسمنظر رکندڙ ڪردارن جي ڏاڍي شدت سان ياد اچي رهي آهي. اڄ جيڪڏهن اسلامي ملڪن ۾ اهي حڪمراني ڪندا هجن ها يا ڊونلڊ ٽرمپ جهڙا قدم انهن جي دؤر ۾ کنيا وڃن ها ته توهان تصور ڪيو ته انهن جو ردعمل ڇا هجي ها ۽ اهي ڪهڙين حڪمت عملين يا ارادن سان نڪري نروار ٿين ها، انهن جو ڪردار ۽ ڪارڪردگي ماضيءَ جا خوبصورت حوالا آهن، پر اڄ اهڙو اتساهه ۽ اهڙي آڪسيجن باقاعده اڻلڀ آهي. اهو ئي سبب آهي ته وقت سان گڏ مايوسي اداسي ۽ احساس محرومي وڌي رهي آهي، جن ملڪن جي ماڻهن کي ڊونلڊ ٽرمپ بليڪ لسٽ ڪيو آهي، خود انهن ملڪن جي حڪمرانن لاءِ به عبرت جو مقام آهي. اهي ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاررواين جي پسمنظر ۾ پنهنجي طرز حڪمراني ۽ تلخ حقيقتن کي جيڪڏهن آڏو رکندي ڪنهن جٽادار حڪمت عمليءَ سان منظرعام تي اچن ٿا ته ڊونلڊ ٽرمپ جي جارحاڻين ۽ استحصالي روين ۾ نظرثاني جي اهڃاڻن جا جواز پيدا ٿي سگهن ٿا.

هتي اها ڳالهه به نه وسارڻ کپي ته ڊونلڊ ٽرمپ فقط هڪ فرد جو نالو ناهي، هن جيڪو ڪجهه چيو عملي طور تي اهو هن ڪري به ڏيکاريو آهي، هن جن نعرن تي ووٽ ورتا، انهن نعرن کي حقيقت جو روپ به ڏيڻ لڳو آهي، ان ڪري ان جي سوچ ۽ نظريو فقط هڪ فرد جي نمائندگي ناهي، پر جن جن به هن کي مينڊيٽ ڏنو آهي، تن جي احساسن جي عڪاسي آهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايڏن وڏن انسانن جي دل جي تسلي ۽ اطمينان يا تحفظاتن کي دور ڪرڻ لاءِ دنيا ڪهڙي دڳ کي ٿي چونڊي، اهو دڳ جيڪو پُرامن ڪائنات کي يقيني بڻائي، اهو دڳ جنهن ۾ پنهنجي اصلاح واري ايجندا پهرين ترجيح هجي، اهو دڳ جيڪو هر قسم جي ٺڳي، دغا، ڏاڍَ، ڏمر ۽ بدمعاشي، جهالت، منفي لاڙن ۽ انتهاپسند روين کان آجو هجي، اهو دڳ جنهن ۾ خوبصورت خيالن ۽ خوابن واري زندگي کي حقيقت وارو روپ ڏيڻ جي واٽ هجي، اهو دڳ جيڪو هر طرح جي داداگيريءَ جي رستا روڪ ڪري اهو دڳ جيڪو نائين اليون جهڙن واقعن کي به ٿيڻ نه ڏئي ۽ اهو دڳ جيڪو نائين اليون کانپوءِ آمريڪي ظلمن جا به جواز پيدا نه ڪري، اهو دڳ جيڪو دليون روشن ڪري. جيڪو جيءُ روشن ڪري اندر اجاري، اهو دڳ جيڪو صوفيءَ جي سيني جهڙي واٽ آڇيندو هجي، جيڪو صوفيءَ جي سوچ سان جهلڪندو هجي، جنهن ۾ پاڻ ئي پاڻ اجارڻ جو نينهن ۽ نياپو هجي، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جو پيغام هجي، جيڪو دنيا کي بهترين بڻائڻ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ پاڻ ۾ موجود خرابين مان ڇوٽڪاري جو احساس آڇيندو هجي. اهو دڳ جنهن ۾ انسانن کي طبقاتي، نسلي ۽ مذهبي توڙي فقه پرست تعصبي سوچ واري دائرن ۾ نه ڏٺو ويندو هجي، اهو دڳ جيڪو انسان جي تمنا آهي، هر ماڻهو خوش رهڻ چاهي ٿو، پر سوال اهو آهي ته اهو ٻين لاءِ ڪيترين خوشين جي گنجائش رکي ٿو. دنيا جي حڪمرانن کي ڊونلڊ ٽرمپ جي تازن واقعن کانپوءِ زبردست سنجيدگي ۽ حڪمت عملين سان آڏو اچڻو پوندو ته جيئن يقيني امن لاءِ عملي ۽ لاڀائتيون وکون کڻي سگهجن.

اي پيپر