نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پي ٽي آءِ کي آڇ ڪئي

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پي ٽي آءِ کي آڇ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف کين 2018ع وارو مينڊيٽ واپس ڪري حڪومت ڪرڻ ڏي پوءِ 2024ع واري اليڪشن جو حساب ڪري.

سينيٽ  اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته جيڪو پوکيو ويندو آهي اهو ئي ڀوڳڻو پوي ٿو، پي ٽي آءِ 2024ع واري اليڪشن سان گڏ 2018ع واري اليڪشن جي به ڳالهه ڪري، 8 فيبروري واري اليڪشن تي اعتراضن بابت عدالتون موجود آهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ کين 2018ع وارو مينڊيٽ واپس ڪري، هو اهو وٺي مدو پورو ڪندا پوءِ 2024ع واري اليڪشن جي ڳالهه ڪئي وڃي.

اسحاق ڊار چيو ته اليڪشن ۾ هنن پي ٽي آءِ طرفان مقرر ڪيل چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ۽ پي ٽي آ باني جيڪو چاهي پيو اهو ئي نادرا چيئرمين لڳايو.

پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن 2024ع واري اليڪشن سان سينيٽرن تي اثر پيو ته 2018ع واري اليڪشن سبب به پيو هوندو.

اسحاق ڊار چيو ته ڇا بشير ميمڻ کي گهرائي اهو نه چيو ويو ته هنن خلاف ڪيس داخل ڪيو، موجوده حڪومت ڪنهن لاءِ به ڪيس داخل ڪرڻ جو ناهي چيو.

نائب وزيراعظم سوال ڪيو ته احتجاج لاءِ رڳو ڊي چوڪ جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟ چيني وزيراعظم جي آمد، ايس سي او ڪانفرنس ۽ بيلاروس جي صدر جي اچڻ دوران پي ٽي آءِ وارن احتجاج ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *