سکر( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سياست ۾ ڪو به دوست يا دشمن نه هوندو آهي، مخالف ڌر جو اڳواڻ آڻن تحريڪ انصاف جو جمهوري حق آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جا اختلاف ختم ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي پر نئين مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ ڪو به نالو سامهون نه آيو آهي. هن چيو ته نئين نيب چيئرمين بابت تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي پارٽين سان سندس رابطو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جون پارٽيون مشورا ڪري نالا ٻڌائينديون، مسلم ليگ ن وٽ عدالتي فيصلو قبول ڪرڻ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي، ن ليگ کي سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪرڻو پوندو. خورشيد شاهه چيو ته اسيمبليءَ جو مدو چار سال ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون آهن، تحريڪ انصاف سميت ٻيون سياسي پارٽيون اسيمبليءَ جي چئن سالن جي مدي تي متفق آهن. هن چيو ته اسيمبليءَ جي چئن سالن جي مدي تي ايندڙ چونڊن بعد ڳالهيون ٿينديون. سندس چوڻ هو ته عمران خان قانون جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر پاڻ قومي ادارن جو تقدس پائمال ڪري رهيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ماضيءَ ۾ نواز شريف بينظير ڀٽو خلاف سخت ڳالهيون ڪندو هو، کيس چيو ته ايترو وڙهو جو سڀاڻي اسان ڪنٽينر ۾ اچي سگهون، پوءِ ميثاق جمهوريت لاءِ اسان کي هڪ ميز تي ويهڻو پئجي ويو. هن چيو ته مان جيڪو ڪجهه ڪيو سو سڀني سامهون آهي، ماڻهو ته فرشتن تي به الزام هڻندا آهن، ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي ڪئي پر ڪابه ڪرپشن نه ڪئي آهي.