نئين سال جي بجيٽ ۾ ڪراچيءَ کي هڪ وڌيڪ پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 2016-2017 جي بجٽ جي حوالي سان اجلاس  ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، چيئرمين منصوباندي ۽ ترقياتي محمد وسيم، ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير اعليٰ مراد علي شاهه چيو ته نئين سال جي بجٽ عوام جي خواهش مطابق هوندي،نئين مالي سال جي بجٽ ۾ ترقياتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، حڪومت جي ڪوشش هوندي ته اهم هلندڙ اسڪيمن کي مڪمل ڪيو وڃي.   وڏي وزير چيو ته ڪراچي لاءِ هڪ وڌيڪ ترقياتي پيڪيج ڏينداسين، مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته تعليم ۽ صحت واري کاتي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. عورتن لاءِ ڪجهه اهم اسڪيمون شروع ڪري رهيا آهيون نئون مالي سال، ترقي، روزگار، تعليم  ۽ سٺي صحت جو سال هوندو، حڪومت بلديات کاتي کي به مضبوط ڪندي زراعت جي ترقي لاءِ خاص اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي، توانائي جي کوٽ سبب صنعتي ترقي جا مسئلا آهن، هن سال اسان انرجي سيڪٽر تي اهم پروگرام شروع ڪنداسين ، نئون مالي سال ڪول، ونڊ ۽ سولر انرجي جو سال هوندو سنڌ خوشحال ٿيندي ۽ تعليم کاتي ۾ بهترين تبديلي آندي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *