نئين سال جو استقبال،نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ آتشبازي

آڪلينڊ: (م ڊ)  سال 2019 جو سج ويو ۽ نئين سال جو استقبال نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ کان شروع ٿي ويو آهي.نئين سال جو استقبال آڪلينڊ ۾ آتشبازي جي ذريعي ڪيو ويو جنهن کان پوءِ آسٽريليا جي شهر سڊ

ني ۾ روايتي طريقي سان آتشبازي جي ذريعي نئين سال کي خوش آمديد چيو ويو.اتر ڪوريا جي شهر پيونگ يانگ ۾ به نئين سال جي شاندار آجيان. جڏهن ته پيونگ يانگ جي وچ مان گذرندڙ درياءَ تاءِ دونگ تي آتشبازي جو مظاهرو ڪري سال 2020 کي خوش آمديد چيو ويو. اتر ڪوريا ۾  نئون سال پاڪستاني وقت موجب ساڍي ستين بجي شروع ٿيو. اهڙي طرح يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ايٿنز، پيرس، ماسڪو، لنڊن ۽ برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۽ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ به  نئين سال جو جشن ملهايو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *