نئين ديري ۾ ڏاهاڻي –جيها برادري تڪرار وڌيڪ تيز، هڪ ڄڻو قتل

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئين ديري ويجهو رهندڙ  ڏاهاڻي ۽ جيها برادري ۾ 4 سال اڳ پسند پرڻي واري معاملي تان شروع ٿيل تڪرار رڪجي نه سگهيو،ڪالهه ڌرين جي فائرنگ ۾ جيها ڌر جو هڪ ڄڻو  ڳوٺ گلڻ جيهو جو رهواسي اسد پٽ علي حيدر جيهو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو، مقتول جي وارث عورتن امڙ عظمت خاتون، زڪيه خاتون، عرفان، عبدالحق ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته صبح سوير اسد زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته اڳ ۾ ئي لڪي ويٺل ڏاهاڻي برادري جي هٿيارن بند مٿس سڌي فائرنگ ڪري گوليون هڻي بيگناھ قتل ڪيو. ظالمن اسان جو گهر اجاڙي ڇڏيو آهي. اسان جو جيها ڏاهاڻي تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي. اها ڏاهاڻي ڌر کي به خبر آهي ته اسان جهيڙيندڙ ڌر کان پري آهيون اسان پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل کوسو علائقي ۾ مقرر ڪيل وڏي پوليس نفري به جهيڙيندڙ ڌرين کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هلندڙ جهيڙي سبب جهيڙيندڙ ڌرين سميت ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا به گهرن تائين محدود ٿي ويا ۽ انهن جو ساھه مٺ ۾ اچي ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ابراهيم بروهي ٻڌايو ته پوليس جي کوٽ سبب اسان جهيڙيندڙ ڳوٺن ۾ پوليس مقرر نه ڪري سگهيا آهيون. ٿاڻي تي به پوليس عملي جي کوٽ آهي اسان اهڙو اطلاع ڊي آءِ جي لاڙڪاڻُو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي به ڏئي چڪا آهيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *