نئين آئي جي تقرري لاءِ گورنر سنڌ سان مشورو نه ڪنداسين:بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون ۽ ماحوليات ۽ ساحلي ترقي واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته موجوده آئي جي پوليس ڪليم امام سياسي ٿي ويو آهي پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي ان لاءِ سياست ڪري رهيون آهن هو پنهنجا فرض انجام ڏيڻ جي بدران بيان بازي ۾ مصروف آهي. نئين آئي جي تقرري لاءِ گورنر سنڌ سان نه ئي ڪو مشورو ڪنداسين ۽ ان جا پابند سمجھون پيا ته وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ جي وچ ۾ ملاقات ۾ نئين آئي جي جي نالي تي اتفاق ٿي ويو هو ان جي مطابق ئي فيصلو ڪيو ويندو. اربع واري ڏينهن هو سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ ڏوھ ٿيندا آهن ته الزام صوبائي حڪومت تي ايندو آهي وزير اعليٰ جي وزير اعظم سان ملاقات ۽ اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ آئي جي پوليس کي هٽائڻ جو معاملو صوبائي ڪابينا ۾ آندو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب آئي جي سنڌ پوليس جي تبديلي جي حوالي سان وزير اعليٰ۽ وزير اعظم وچ ۾ ملاقاتن ۽ ٽيلي فون جي رابطن بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏني. هن چيو ته سنڌ ٽي نالا آئي جي جي عهدي لاءِ موڪليا هئا ان کان پوءِ پنج نالا گھريا ويا جنهن کان پوءِ پنج نالا موڪليا ويا پر ان تي ڪو فيصلو نه ٿيو چيو ويو ته وزير اعظم ڊيوس ويو آهي واپسي تي فيصلو ٿيندو. هن گورنر هائوس ۾ وزير اعظم عمران خان ۽ وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ جي ملاقات ۾ به پنجن نالن تي اتفاق ٿي ويو هو ان جي ٻئي ڏينهن نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو ٻڌايو ويو پر ميڊيا جي ذريعي معلوم ٿيو ته پي ٽي آئي جي اتحادين سنڌ حڪومت جي نالن تي اعتراض ڪيو آهي حيرت انگيز طور تي آئي جي سنڌ پاران بيان آيو ته هو ڪيڏانهن به نٿو وڃي مريل هاٿي سوا لک جو هوندو آهي ۽ ڪجھ سازشن جو به ذڪر ڪيو ۽ ان جي بيان کان پوءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان بابت فيصلو ڪيو ويو ان تي اسان کي حيرت آهي. اسان سمجھون ٿا ۽ اميد رکون ٿا ته وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ جي وچ ۾ ٿيل ڳالھ ٻولھ جي مطابق ئي فيصلو ٿيندو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پوليس ايڪٽ جي مطابق آئي جي پوليس بابت مشورو وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ ٿيڻو آهي نه ئي گورنر سنڌ سان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *