مانچسٽر (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نئون پاڪستان لازمي ٺهندو جنهن ۾ حڪمراني جو طور طريقو نئين سوچ هوندو اسان موٽر ويز بدران قوم سازي تي ڌيان ڏينداسين ملڪ ۾ نئون سياسي ڪلچر متعارف ڪرائينداسين سعودي عرب يمن جي اشو کان پوءِ اسان سان ڳالهائڻ
لاءِ تيار نه هو، گلف رياستون اسان جي ويجهو اچڻ کان پاسو ڪري رهيون هيون ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين اميد ڏياري ۽ پي ٽي آءِ کي هلايو چندا ڏنا جمعي تي پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيوت ه پاڪستان تحريڪ انصاف هميشه پنهنجي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جي حق جي ڳالهه ڪئي آهي ته جيئن اوهان ملڪي پاليسي جي جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون هن چيو ته اوهان ماڻهن کان سواءِ ئي پي ٽي آءِ جو قيام ممڪن نه پئي ٿي سگهيو اوهان جي مدد سان پي ٽي آءِ ٺهي اوهان جي مدد سان ڪينسر اسپتال ٺهي هن چيوت ه اوهان جي مدد سان شوڪت خانم اسپتال ۾ 70 سيڪرو مريضن جو علاج ٿي رهيو آهي اوهان جي مدد سان نمل يونيورسٽي قائم ٿي پرڏيهي وزير چيوت ه ميانوالي جي ڏورانهين علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي يونيورسٽِ قائم ٿي شاهه محمود قريشي چيو ته جڏهن اسان نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪئي ماڻهن اسان تي تنقيد ڪئي هن چيو ته اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته نئون پاڪستان ضرور ٺهندو هن چيو ته اسان عوام جي ڀلائي ۾ سيڙپڪاري ڪنداسين هن چيو ته اسان موٽر ويز بدران قوم سازي تي ڌيان ڏينداسين هن چيوت ه اسان پنهنجي پاڙيسرين سان به امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون هن چيو ته پهريان اسان پرڏيهي محاذ تي ناڪام هئاسين افغانستان ۾ به ڪجهه ٿئي پيو ته اسان کي ذميوار ڄاڻايو پئي ويو شاهه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب يمن جي اشو کان پوءِ اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو هن چيو ته اسان پرڏيهي پاليسي کي نئون موڙ ڏنو ۽ هاڻي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هي ملڪ اوهان جو آهي اوهان جي وڏڙن جو ملڪ آهي منهنجو خدا شاهد آهي ته مان عمران خان جو ساٿ ڪنهن مفاد لاءِ ناهي ڏنو پر عمران خان سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ساٿ ڏنو آهي هن چيو ته مان 35 سال سياست ۾ گذاريا آهن ڪيترن ئي سيٽن تي رهيو آهيان پر نئين پاڪستان جون گهرجون ڪجهه ٻيون آهن هن چيو ته مان مانسچسٽر جي ماڻهن جو گهڻو ٿورائتو آهيان جو انهن اسان کي لبيڪ ڪيو.