لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني بيٽنگ جون خاميون ڪنهن کان به لڪل ناهن، سريلنڪا خلاف قومي ٽيم ننڍو اسڪور بڻائڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ابوظهبي ٽيسٽ هارائي وئي. ان خامي کي پري ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر سندرو ٻڌي ورتو آهي. هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور آف سيزن ۾ ڪيترن ئي بيٽسمينن سان گڏ سيشن ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن جي بيٽنگ جون خاميون سڌاري سگهجن. ان سلسلي ۾ قومي اڪيڊمي لاهور ۾ مڪي آرٿر ۽ گرانٽ فلاور پاڪستاني ڪوچز جي مدد سان ڪيترن ئي نوجوان بيٽسمينن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳايا. پاڪستاني ٽيم جي ٿنڪ ٽينڪ کي يقين آهي ته رانديگرن جي ٽيڪنڪ ۾ بهتري ايندي. ٻئي طرف فخر زمان جي بيٽنگ ٽيڪنڪ تي به ڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٽيسٽ بيٽسمين فواد عالم جو منفرد بيٽنگ اسٽائل ڏسي مڪي آرٿر ۽ گرانٽ فلاور کي حيرت ٿي، ان کي به اسٽائل ۾ بهتري آڻڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. فخر زمان کي ٻڌايو ويو ته هو ڪهڙي طرح اندر ايندڙ بال کي کيڏي سگهي ٿو. مڪي آرٿر ۽ گرانٽ فلاور ٻن ڏينهن لاءِ راولپنڊي ويندا جتي هو قومي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن کي ايڪشن ۾ ڏسندا، مڪي آرٿر چاهي ٿو ته هو ڪيترن ئي اهڙن رانديگرن کي ڏسي جيڪي ان پهريان ڪڏهن نه ڏٺا آهن ته جيئن غير معمولي صلاحيتن وارن رانديگرن کي مستقبل لاءِ تيار ڪيو وڃي.