مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي 66 سيٽون حاصل ڪري ميدان ماري ورتو، اليڪشن ڪميشن مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ جو مڪمل نتيجو حاصل ڪري ورتو، آزاد اميدوارن کي چئن سيٽن تي ڪاميابي، جماعت اسلامي کي ٻه سيٽون ملي سگهيون، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ رڳو هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پ پ 39 سيٽن تي بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ وارڊ ڪائونسلر جي مختلف ڪيٽيگريز جي چونڊ ٿي.
اليڪشن ڪميشن کي 77 سيٽن جا نتيجا ملي ويا، پيپلزپارٽي سڀ کان وڌيڪ 66 سيٽون حاصل ڪري ميدان ماري ورتو.
آزاد اميدوارن کي چئن سيٽن تي ڪاميابي ملي، جماعت اسلامي کي ٻه سيٽون ملي سگهيون، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ رڳو هڪ هڪ سيٽ حاصل ڪئي.
چئن سيٽن تي ڪنهن اميدوار جو حصو ناهي اهي خالي رهيون.
پيپلزپارٽي 65 مان 39 سيٽن تي بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي.
ڪراچيءَ ۾ 11 مان 9 سيٽن تي پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي، ڪراچي ۾ جماعت اسلامي کي رڳو 2 سيٽون نصيب ٿيون.
ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي چار چيئرمين، چار وارڊ ڪائونسلر ۽ هڪ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.
جماعت اسلامي کي هڪ وائيس چيئرمين ۽ هڪ وارڊ ڪائونسلر جي سيٽ ملي سگهي.