مڇ واقعي جي ذميوارن کي بخش نه ڪنداسين:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان سميت مختلف وزيرن ۽ ٻين سياسي شخصيتن مڇ ۾ 11 مزدورن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.واضح رهي ته بلوچستان جي بولان ضلعي جي تعلقي مڇ جي علائقي گشٽري ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات اڻڄاتل هٿياربندن طرفان 11 مزدورن کي اغوا کانپوءِ فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو جيءُ جهوريندڙ واقعو پيش آيو آهي.ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته 11 معصوم مزدورن جو مذمت جوڳو قتل انسانيت سوز بزدلاڻي دهشتگردي جو هڪ ٻيو واقعو آهي.سندس موجب ايس سي حڪم ڏنو آهي ته سمورا وسيلا استعمال ڪندي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آندو وڃي، حڪومت متاثر خاندان کي اڪيلو نه ڇڏيندي.هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ڄام ڪمال چيو آهي ته ڪنهن کي به صوبي جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، معصومن کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته 11 غريب مزدورن جو وحشياڻو قتل دهشتگردي جي سنگين نوعيت آهي، هر پاڪستاني دهشتگردي جي مذمت ڪري.سندس چوڻ هو ته حڪومت مزدورن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي ۽ اهو به يقيني بڻائي ته اڳتي اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن.ن ليگ نائب صدر مريم نواز پنهنجي مذمتي بيان ۾ چيو آهي ته بي ڏوهه انسانن جا قاتل ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن، نئين سال جي شروعات سان ئي معاشرو گهرا زخم ڏسي رهيو آهيهن مطالبو ڪيو ته متاثر خاندانن کي مالي پيڪيج ڏنو وڃي، انهن جي ٻارن جي تعليم جو سرڪاري خرچ تي بندوبست ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *