ميگا مني لانڊرنگ ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف ضمني ريفرنس تيار

اسلام آباد: (بيورو)  نيب آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمني ريفرنس تيار ڪريورتي. ريفرنس ۾ ٻنهي جي بيانن ۽ پڇا ڳاڇا دوران حاصل ٿينڊڙ اهم ترين شاهديون شامل آهن.نيب ذريعن موجب ضمني ريفرنس آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان جاچ روشني ۾ تيار ڪئي وئي آهي، ضمني ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.زرداري ۽ فريال ٽالپر جي بيانن جڏهن ته نيون اهم ترين شاهديون ريفرنس جو حصو آهن، ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ايف آءِ اي ڪراچي کان نيب کي منتقل ٿيو هو.احتساب عدالت شروعاتي چالان تي آصف زرداري سميت 30 جوابدارن خلاف ٽرائل ڪري رهي آهي، نيب ان ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *