ميڊيا هائوسز حملو ڪيس: فاروق ستار، عامر خان ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ جو ٽاسڪ رينجرز حوالي

ڪراچي(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميڊيا هائوسز حملي ڪيس ۾ روپوش قرار ڏنل متحده پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ جو ٽاسڪ رينجرز حوالي ڪندي پوليس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي. ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميڊيا هائوسز تي حملي ۽ چڙ ڏياريندڙ تقريرن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت روپوش جوابدارن جي گرفتاري بابت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان ۽ ٻين روپوش جوابدارن جي گرفتاريءَ جو ٽاسڪ رينجرز حوالي ڪندي چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. عدالت ڊي جي رينجرز کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي 31 مئي تائين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *