ميڊيا مون کان وڌيڪ پابندين جي زنجيرن ۾ وڪوڙيل آهي: مريم نواز

اسلام آباد(بيورو)مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آئون خاموش هيس جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، جيڪڏهن آئون اڄ ڳالهايان ته ڇا ميڊيا اُهو ڏيکاريندي؟جنهن تي هڪ صحافي گهڻو کلندي چيو ته ” اسان ڪوشش ڪنداسين.مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز اسلام آباد ۾ شاهد خاقان عباسي سان ملاقات جي موقعي تي چيو ته منهنجو پيءُ لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي، دل، منهن ۽ لفظن جو ساٿ نه ڏئي رهي هجي ته اها بلڪل غلط ڳالهه آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته ڊيڄاري ڌمڪائي سگهي ٿو ته اِهو ڄاڻي وٺو ته سويلين بالادستي ۽ آئين سان جيڪو تعلق آهي اُهو پهرين کان وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي.مريم چيو ته منهنجو پيءُ علاج جي لاءِ لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي، آئون نٿي چاهيان ته منهنجي ڪري هن کي تڪليف ٿئي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن منهنجي قيادت سمجهندي ۽ هدايت ڪندي آئون اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪيان ته پوءِ مون کي پوئتي نه ڏسندا.ان کان سواءِ ميڊيا بابت ڳالهائيند  هن چيو ته مون کي ميڊيا تي ڏيکارڻ تي پابندي آهي، خوف جو اِهو عالم آهي ته مون کان وڌيڪ ميڊيا پاڻ پابندين جي زنجيرن ۾ وڪوڙيل آهي.هن چيو ته مون کي ميڊيا سان همدردي آهي، ميڊيا جو ڏيکارڻ چاهي ٿي اُهو نٿي ڏيکاري سگهي، ماضي ۾ ميڊيا تي ايترو خراب وقت ناهي آيو.لنڊن ۾ علاج هيٺ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نواز شريف بابت هن ٻڌايو ته اڳوڻي وزير اعظم جي دل جي هڪ شريان 90 سيڪڙو بند آهي.مريم نوازانهن خبرن جي ترديد ڪئي جنهن ۾ نواز شريف بابت چيو ويو هو ته نواز شريف مريم نواز جي لنڊن ۾ موجودگي کان سواءِ علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.مسلم ليگ ن جي نائب صدر واضح ڪيو ته نواز شريف رڳو اِهو چيو هو ته مريم نواز جون تاريخون ويجهو آهن، ان ڪري ٿورو انتظار ڪيان ٿو.مريم نواز چيو ته يقينن پيءُ جي دل چوندي هوندي ته گهر جا سمورا گهر هن سان گڏ هجن ڇو ته منهنجي ماءُ جي رحلت کي وڌيڪ عرصو به ناهي ٿيو.هن چيو ته مسلم ليگ ن جي ورڪر ۽ ڀيڻ جي حيثيت سان شاهد خاقان عباسي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آئي آهيان ته هن بنا ڪنهن الزام جي ايترو ڊگهو عرصو جيل ۾ ڪاٽيو ۽ پارٽي نظرري تي قائم رهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *