ميڊيا ذريعي نگران وزيراعظم لاءِ نامزدگي جي خبر پئي آهي: جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ

اسلام آباد (اين اين آءِ) نامزد ڪيل نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ چيو آهي ته ميڊيا ذريعي نگران وزيراعظم لاءِ نامزد ٿيڻ جي خبر پئي آهي، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن کي گهرائي ڳالهائيندس، سومر تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ميڊيا ذريعي خبر پئي آهي ته منهنجو نالو نگران وزيراعظم لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا کي گهرائي ڳالهه ٻولهه ڪندس، ياد رهي ته سومر تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، خورشيد شاهه ۽ سردار اياز صادق گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري نگران وزيراعظم لاءِ جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي نالي جو اعلان ڪيو هو، نگران وزيراعظم جو نالو نامزد ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف، عوامي نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي سميت سياسي پارٽين پاران جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ کي نامزد ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *