اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اينڪرپرسنز خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا تي اڳواٽ ٽرائل ٿيڻ سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ميڊيا تي عام قيدين جا مسئلا ڇو نٿا ڏيکاريا وڃن؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيسز تي پروگرام ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پيمرا چيئرمين ۽ نجي ٽي وي چئنلز جا اينڪرپرسن پيش ٿيا. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي طئه ڪرڻو آهي ته ميڊيا تي التوا هيٺ ڪيسز جي حوالي سان ڪيترو ڳالهائي سگهجي ٿو، پري ٽرائل ۽ پري ججمينٽ هلڻ سان عدليه تي اثر ٿيندو آهي. هڪ ٽِڪر جو به اسان جي معاشري تي اثر ٿيندو آهي. ماڻهو ميڊيا تي پري ٽرائل سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ڪجهه سٺن ماڻهن لاءِ هڪ ٽڪر هلندو آهي ته فلاڻي کي نيب گهرايو آهي، اُن جو ناڪاري اثر پوندو آهي. نيب جي طلب ڪرڻ تي معاشري ۾ هڪ ذهن ٺهي ويندو آهي ته فلاڻو ڪرپٽ آهي. ٻڌڻيءَ دوران صحافي حامد مير پيش ٿي چيو ته پيمرا جو ڪوڊ آف ڪندڪٽ ڪافي نه آهي، ميڊيا تي اڻ اعلانيل سينسرشپ لاڳو ٿيل آهي، اُن اڻ اعلانيل سينسرشپ ۾ کوڙ سارن ڪيسز ۾ عدالتون به اچي وينديون آهن، جهڙوڪ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو ڪيس سُپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ هلي رهيو آهي. زباني هدايتون اينديون آهن ته هن ڪيس کي هن ريت آن ائير ڪيو وڃي.