ميڊيا تي اڄ جيترو دٻاءُ آمرن جي دور ۾ به نه هو: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورتر)سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته هن وقت نالي ماتر جمهوري حڪومت قائم آهي، ميڊيا تي جيترو اڄ دٻاءُ آهي، ايترو آمرن جي دور ۾ به نه هو.عام چونڊن کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اتحادي جماعتن خلاف نيب ڪيسن جي ٽائمنگ اهم آهي، حڪومت جي جلد غير مقبول ٿيڻ ۾ اپوزيشن ڪردار ادا ڪيو آهي.هن چيو ته حڪومت اتحادين جي ڪري قائم آهي، جن کي زبردستي گڏ بيهاريو ويو آهي، اتحادي ان حڪومت جي نالائقن جو بار کڻي پنهنجو ٻيڙو نه ٻوڙين.سندس چوڻ هو ممڪن آهي اتحادي الڳ ٿين ته حڪومت ڪِري پئي، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اندر به بغاوت هلي رهي آهي.سعيد غني موجب عوام هن وقت عذاب واري زندگي گذاري رهيو آهي، معيشت جو جنازو نڪري چڪو آهي، اپوزيشن عوامي ايشوز تي قيادت نه ڪئي ته ماڻهو ان مان به مايوس ٿي ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *