ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

December 13, 2024 at 2:19 pm

ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران صحافي نصر الله گڏاڻي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي عدالت ۾ پيش ٿيو.

پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.

جوابدار عبدالله لنڊ به دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت فريادي ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اي پيپر