ميرپور ساڪري ويجهو ٻڏي فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 22 ٿي ويو، اڃا ڪيترائي گم

ٺٽو ( م ڊ ) ميرپورساڪري ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي ويل 100 کان وڌيڪ ماڻهن مان 22 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. موهارا ويجهو هوڙو اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي يل 100 کان وڌيڪ ماڻهن مان 22 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. ٻڏي ويل ماڻهن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي جڏهن ته گم ٿيل وڌيڪ ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. اکين ڏٺن شاهدن موجب هوڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو هئڻ ڪري اونهي پاڻي ۾ وڃڻ دوران هوڙو تيز ويرن ۾ اچڻ ڪري ويٺل ماڻهن جي دٻاءٌ هڪ پاسي هئڻ سبب اونڌو ٿي ٻڏي ويو. ٻئي طرف ڊي سي ٺٽو مرزا ناصر بيگ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته 22 لاش هٿ آيا آهن ۽ 53 ماڻهن کي زخمي ۽ بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو هوڙهي ۾ سوار هئڻ ڪري ٻڏي ويا آهن، هن چيو ته هوڙي ۾ زائرين جي مڪمل تعداد جي اڃان تائين خبر پئجي نه سگهي آهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه واقعي جو اطلاع ملندي ئي ٺٽو ۽ ميرپور ساڪرو جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. جڏهن ته نيوي سميت مختلف رضاڪار ٽيمن جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن ۽ ريسڪيو آپريشن ٻڏي ويندڙ ماڻهن جي مڪمل طور هٿ نه اچڻ تائين جاري رکيو ويندو ۽ ضلعي انتظاميه متاثر ٿيندڙ زائرين جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪري رهي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *