ميرپور بٺورو (رپورٽر)ميرپور بٺورو لڳ رات دير سان حيدرآباد کان سجاول ويندڙ مسافر وين نمبر جي ايف ۴۲۷۵ ڀڏو اسٽاپ وٽ روڊ تي بيٺل ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ وين ۾ سوار بٺوري شھر جي ميمڻ محلي جي رھواسي عورت صائمه ۽ سندس ۷ سالا ڌي صدوري ۽ گاڏي جو ڪنڊيڪٽر سجاول جو رھواسي عبدالستار ملاح موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ۱۰ ماڻھون سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ منور علي پٽ منظور، شبير پٽ سومار ملاح، انور پٽ جنيد عالماڻي، عثمان ٽوھڙ، گل محمد ميمڻ، بختيار زئور، طالب خاصخيلي، رامجي ڪولھي، ازان علي سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي تعلقي اسپتال بٺورو آندو ويو، جڏھن ته بٺوري اسپتال ۾ زخمين کي بسترا نه ھئڻ سبب پٽ تي ۽ بئنچن تي ليٽايو ويو، ڊاڪٽر ۽ ايمبولينس نه ھئڻ سبب زخمي تڙپندا رھيا، جڏھن ته واقعي جو اطلاع ملڻ بعد سوين شھري اسپتال پھچي ويا، اسپتال ۾ سهولتون نه هئڻ ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي پڻ ڪئي، جڏھن ته زخمين کي ماڻھن پنھجي مدد پاڻ تحت پرائيوٽ گاڏين ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اسپتالن ڏانھن روانو ڪيو. جڏھن ته اسپتال ۾ بسترا نه ھئڻ سبب فوتين جا لاش پڻ ائين ايمبولنس ۽ بينچن تي رکيا ويا. فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. بٺورو پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي وين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔