ميرپورخاص(رپورٽر): صوبائي وزير سهيل انور سيال، صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال، ايم اين اي مير منور ٽالپر، ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي سميت پ پ پ عهديدارن پاران ٽالپر هائوس ۾ تقريب ۽ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي.جتي پ پ عهديدارن ۽ ضلعي عملدارن سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته آئون گذريل پنجن ڏينهن کان سم نالن کي پيل گهارن کي ٻڌرائڻ لاءِ هتي آھيان، جڏھن ته پويان منهنجي گهر تي ڇاپا هڻي هراسان ڪيو پيو وڃي پر عوامي خدمت جاري رکندس، ڊڄي ڀڄڻ وارو ناهيانهن وڌيڪ چيو ته برسات ۾ ميرپورخاص ڊويزن وڌيڪ متاثر ٿيو آھي، مين سم نالو پنهنجي گنجائش کان وڌيڪ 9600 ڪيوسڪ پاڻي کڻي پيو، سم نالي کي ٻه گهارا پيا، هڪ گهارو بند ڪري ڇڏيو آھي، نئون ڪوٽ وارو گهارو به ٻڌڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن، چانڊوڪي راتين سبب سمنڊ به گهٽ پاڻي کڻي پيو، پاڻي جا قدرتي لنگھ قبضن سبب بند ٿيل آھن، اتي اسان جي سياسي مخالفن ڪارخانا هڻي بنگلا به ٺاهيا آھن، ماڻھو ڪورٽن ۾ ويل آھن، ان ڪري پاڻي جي لنگهن جي صفائي ناهي ٿي سگهي، جڏھن ته ڊي سي کي چوان ٿو ته پاڻي جي لنگهن تان قبضا ختم ڪرائي.