ميثاق معيشت تي وزيراعظم پاڻ مخالف ڌر سان رابطو ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو)  پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه ميثاق معيشت تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي طرفان پارليامينٽ ڪميٽي جي مخالفت ڪندي چيو ته هن معاملي تي وزيراعظم پاڻ مخالف ڌر سان رابطو ڪري.هن چيو ته آصف زرداري جي معيشت تي تعاون جي سنجيده بيان جو مذاق اڏايو ويو. وزيراعظم ان تي وزيرن کان وضاحت وٺي.بجيٽ منظوري روڪرائڻ جي لاءِ سومر جي ڏينهن حڪومتي اتحادين سان ڳالهه ڪئي ويندي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد ۾ ممڪنه لاڪ ڊائون تي خورشيد شاهه چيو ته مولانا کي قائل ڪنداسين ته اهو ايئن نه ڪري.سينيٽ چيئرمين جي تبديلي تي مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو جي اتفاق وارين خبرن تي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اڃا هن تي پيپلزپارٽي جي ڪا به راءِ ناهي. ڪُل جماعتي ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ ٻين جماعتن جي راءِ ٻڌنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *