ميان صاحب کي حڪومت نه پهرين ڪرڻ آئي هئي، نه هاڻي آئي اٿس: آصف زرداري

لاهور (م ڊ): اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اسان وٽ اچي پتل به سون ٿي ويندو آهي، پيپلز پارٽي هميشه عوام جي سياست تي يقين رکيو آهي، اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو چوڻ هيو ته ملڪ پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ناهي، قومن جي زندگي ۾ تڪليف به ايندي آهي، جنگيون به ٿينديون آهن، مشڪلات به هونديون آهن، اسان پاڪستان کي ٻيهر بيهارينداسين، آصف زرداري چيو ته ملڪ کي ڪافي ڏکيائيون درپيش آهن، ميان صاحب کي حڪومت نه پهرين ڪرڻ آئي هئي، نه هاڻي آئي اٿس، هن چيو ته اسان پاڪستان کي سنڀالينداسين ۽ دوستن کي به گڏ کڻي هلنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *