ميان صاحب واپس نه اچو، ظالمن مان انسانيت جي اميد ناهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي تي پيءُ نواز شريف کي پاڪستان نه اچڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.ٽوئيٽر تي خيالن جو اظهار ڪندي مريم نواز چيو ته ميان صاحب مٿان ماءُ جي دعائن جو سهارو اُٿي ويو، ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي جي خبر مون کي فون سروسز معطل هجڻ سبب 2 ڪلاڪ دير سان ملي، جنهن کانپوءِ بنا دير لاهور لاءِ رواني ٿيس، منهنجو پيءُ ۽ گهر وارا گهڙي گهڙي رابطي جي ڪوشش ڪندا رهيا پر رابطو نه ٿي سگهيو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن به حڪومتي شخص ۾ ايتري انسانيت نه هئي ته مون تائين ڏاڏي جي لاڏاڻي جو اطلاع پهچائين، مان ميان صاحب کي درخواست ڪئي آهي ته واپس نه اچو، هي ظالم ۽ انتقام جا انڌا ماڻهو آهن، جن مان ڪنهن به قسم جي انسانيت جي اميد ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *